سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف درخواست داخل، عدالت پاران وفاق ۽ سنڌ سرڪار کي نوٽيس جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، عدالت وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، ڌُرين کان 23 آڪٽوبر تائين جواب طلب، درخواستگذار شهاب اوستو موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ سنڌ جي عوام جي بُنيادي حقن تي راتاهو آهي، آئين ۽ قانون موجب ٻيٽ صوبائي ملڪيت آهن، صوبي کان ڪا به زمين حاصل ڪرڻ کان اڳ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لازمي هوندو آهي، درخواست ۾ آئيلينڊ اٿارٽي جي قيام وارو آرڊيننس غيرآئيني قرار، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي سينيئر قانوندان شهاب اوستو چيو آهي ته سنڌ سرڪار کي 2 انچ زمين تان به هٿ کڻڻ جو اختيار نه آهي، حڪمران نيڪ نيتي سان پنهنجو هڪ بنگلو ڪنهن کي ڏين ته خبر پوي، ڪراچي کان حيدرآباد تائين مقامي ماڻهن کي لڏائي ڌارين کي آباد ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *