خيرپور(ڊ ر) سنڌ جي قانون ۽ جيلن واري وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ صوبو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ گيس پيدا ڪري ٿو جڏهن ته گيس جي سهولت کان سنڌ محروم آهي،جيڪا زيادتي ۽ 18 هين ترميم ۾ ڏنل ضمانت جي خلاف ورزي آهي.عوام بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف روڊن تي آهي ته لازمي پ پ به روڊن تي هوندي ڇوته اسان عوام مان آهيون ۽ عوام کان الڳ نٿا رهي سگهون، اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ هتي ڊسٽرڪٽ بار خيرپور کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزير قانون وڌيڪ چيوته پي ايس پي سربراه مصطفيَ ڪمال سستي شهرت حاصل ڪرڻ گهري ٿو، جڏهن ته کيس آمر مشرف جي دور ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ بنايو ويو هو، هن جيڪا ڪرپشن ڪئي ان کي لڪائڻ لاءِ ڌرڻا هڻي رهيو آهي ،هن چيوته منهنجي سڃاڻپ پ پ جيڪري ئي آهي جيڪڏهن مونکي پ پ کان الڳ ڪيو وڃي ته مان ڇا هوندس، انڪري جيڪڏهن ذوالفقار مرزا کي پ پ کان الڳ سمجهيو وڃي ته هن جي حيثيت ڪيتري هوندي ،ڀل نواز ليگ ۾ وڃي ، پ پ مان نڪتل جي ڪابه باقي سياسي حيثيت نه هوندي آهي. هن چيوته سنڌ جي وڪيلن کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته سنڌ جي وڪيلن کي پراسيڪيوشن شعبي ۾ نوڪريون جڏهن ته سندن اولاد کي پڻ نوڪريون ڏنيون وينديون.ِضياءَ لنجار چيو ته مان وڪيل آهيان جڏهن ته پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري وڪيلن جي گهڻي عزت ڪندو آهي، انڪري وڪيلن جي مسئلن کي مان پنهنجا مسئلا سمجهان ٿو،هن چيوته خيرپور بار ۽گمبٽ بار جي بلڊنگ کي ڊبل ڪري نئين سرٺاهيو ويندو ، هن خيرپور بار لاءِ 50 لک رپيا جڏهن ته ٺري ميرواه ۽ گمبٽ بار لاءِ 5 ، 5 لک رپيا اهڙي ريت فيض گنج،ڪوٽ ڏيجي ۽ ڪنگري جي بار لاءِ 2، 2 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار خيرپور جي صدر ياسر عرفات شر سندس آجيان ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سکر لياقت شر، بار خيرپور جو اڳوڻو صدر پير سيد بچل شاه،سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي صدر قربان ملاڻو، جنرل سيڪريٽري نثار ڀنڀرو،ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد سليم راجپوت، اي ڊي سي ون محمد عثمان خالد،ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل لاڙڪاڻو حاجي شفيع محمد چانڊيو،عبدالستار ڀنڀرو ۽ مختلف تعلقي ۽ ضلع بار سان لاڳاپيل وڪيلن پڻ شرڪت ڪئي.