اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي معاملي تي فضول بحث شروع ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ڳالهه صرف سياست ۽ پريس ڪانفرنسن تائين رهي ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ ٻنهي کي پادر پَوَندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته مڃي ٿا وٺون ته سنڌ حڪومت جا 750 ارب رپيا آهن پر ڪم ڪڏهن ٿا شروع ڪيو، ڪراچي واسي انتظار ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان سنڌ جَي وڏي وزير کي خط لکيو آهي ته ڪَي فور منصوبو وفاق حوالي ڪيو وڃي، هاڻ سياسي بيان بازي ۽ ڊرامَي بازي نه هلندي.