سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران گهاري ۾ روڊ حادثي تي افسوس جو اظهار

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گهاري ۾ روڊ حادثي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ۽ زخمين کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گهاري ۾ قومي شاهراهه تي روڊ حادثي 2 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪوهيڙي سبب 6 گاڏيون حادثي جو شڪار ٿيون، ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪوهيڙي دوران ڊرائيونگ کان پاسو ڪيو وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته انساني جان وڏي قيمتي آهي، ان لاءِ مڪمل احتياط کان ڪم ورتو وڃي، زخمين کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

وڏي وزير مراد علي شاهه فوتين جي وارثن سان تعزيت ۽ مغفرت لاءِ دعا ڪئي.

سنڌ جي وڏي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي…………

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *