ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ضلعي سطح تي نوان ماڊل ڳوٺ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس دوران ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب وڏي وزير نئين مالي سال ۾ هر ضلعي اندر ماڊل ڳوٺ ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن جي آبادي هڪ هزار کان وڌيڪ نه هوندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ماڊل وليج ۾ اسڪول، اسپتال، پڪيون گهٽيون، سولر انرجي، واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ نيڪال جي نظام سوڌو رستن جون سهولتون ڏنيون وينديون.