سنڌ جي معيشت ۾ صنعتڪاري، دستڪاري، خدمتِ خلق ۽ زراعت اهم ٿنڀا آهن: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿو ۽ وڏو تجارتي مرڪز پڻ آهي. سنڌ جي معيشت تاريخي اعتبار سان زراعت تي ٻڌل آهي ۽ انهيءَ جي ترقي سنڌودرياءَ جي آبپاشي نظام تي آڌاريل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن رٿابندي و ترقيات کاتي پاران ڪوٺايل پروگرام ”سنڌ گروٿ فورم“ کي هڪ مقامي ۾ خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ڀليڪار چيئرمين رٿابندي و ترقيات محمد وسيم ڪيو ۽ پروگرام ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر پٽچاموٿو الان گوون (Patchamuthu Illangovan) خصوصي شرڪت ڪئي. وڏي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوبي ۾ سٺي تعليم ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ پنهنجي ۽ خانگي پارٽنرشپ ذريعي مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا. هن چيو ته هتي وڏي انگ ۾ صنعتڪاري، دستڪاري، خدمتِ خلق ۽ زراعت معيشت جا خاص ٿنڀ آهن ۽ سنڌ وٽ شاندار ساحلي ڪنارا ۽ 2 سامونڊي بندرگاهون آهن. هن چيو ته سنڌ هڪ بهترين اسٽاڪ ايڪسچينج آهي ۽ مونکي خبر آهي ته صوبي ۾ تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، نڪاسي آب ۽ غربت جهڙن انساني ترقي جا مسئلا موجود آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت زراعت جي ترقي لاءِ فنڊز رکيل آهن ۽ انهن جي فارم مڪانڪ سازي تي گهڻو ڪم ڪيو آهي جيئن پاڻي جي بچت، زراعت تي تحقيقي ڪم، چوپايو مال، ميوون کي محفوظ ڪرڻ جون سهولتون ۽ ويليو ايڊيشن تي تيزي سان ڪم هلندڙ آهي. وڏي وزيز چيو ته هن وقت سنڌ ۾ سڀئي پلون (Bridges) پنهنجو عرصو پورو ڪري چڪيون آهن ۽ انهن جي ٻيهر بحالي تي ڌيان ڏيون پيا. آخر ۾ هن جو اهو به چوڻ هو ته بجلي جي پيداوار لاءِ سنڌ حڪومت وڏي سيڙپڪاري ڪري پئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *