ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قيامت خيز گرمي جاري آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ پارو 50 ڊگري تائين پهچي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ شديد گرمي جي لهر جاري آهي پر سنڌ ۽ لوچستان ۾ سج باهه وسائي رهيو آهي. تربت، دادو، موئن جو دڙو ۾ پارو 50 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻي ۾ گرمي پد 49 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بهاولپور ۾ 48، سکر، نور پور ٿل، ڀکر ۽ خانپور ۾ گرمي پد 47 ڊگري تائين پهچي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ چئن کان پنجن ڏينهن دوران ملڪ جي گهڻي قدر علائقن ۾ شديد گرمي رهندي. پنجاب نيم پهاڙي علائقن، ڪي پي ۽ ڪشمير ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن، ڏکڻ ۽ وچ پنجاب ۽ اوڀر بلوچستان ۾ گرمي پد 50 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.