سنڌ جي ماڻهن کي ڪراچي ۽ پوءِ سعودي عرب پهچڻ تي ٻيهر بايوميٽرڪ ڪرائڻي پوندي آهي؛وڏو وزير

ڪراچي (هه آ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي ڪراچي ۽ پوءِ سعودي عرب پهچڻ تي ٻيهر بايوميٽرڪ ڪرائڻي پوندي آهي جنهن ۾ سولائي پيدا ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ ويزا جي سولائيءَ سان جاري ٿيڻ واري طريقي سان سنڌ جي ماڻهن کي هڪ سهولت ملندي. هن اها ڳالهه اڄ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي نئين مقرر ڪيل قونصل جنرل عبيدالله الحربي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفه ڳالاپن سميت سنڌ صوبي جي ماڻهن جي عمري لاءِ ويزا جلد ۽ آسان طريقي سان جاري ٿيڻ واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ مان ماڻهن جو وڏو انگ حج ۽ عمري جي ادائيگيءَ لاءِ سعودي عرب ڏانهن ويندو آهي پر سندن ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه ڏکيائين ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هن چيو ته سعودي اميگريشن جي سهڪار سان وڌيڪ بهتريءَ لاءِ مان وفاقي گهرو وزير سان ڳالهيندس ته جيئن اسانجي ماڻهن جي ٻه ڀيرا بايوميٽرڪ نه ٿئي. وڏي وزير چيو ته سندس اميد آهي ته سعودي قونصل جنرل ان حوالي سان ٻنهي ملڪ وچ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي سعودي قونصل جنرل عبيدالله الحربي ڄاڻايل مسئلا جلد حل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو. سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ امن امان لاءِ ڪيل ڪاوش جي واکاڻ ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت جي اهڙين ڪاوشن ڪري صوبي ۾ سيڙپڪاري اضافو ٿيندو. ملاقات دوران وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت به موجود هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *