ڏوڪري(نمائندو) ڏوڪري سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جي قديم آثارن کي لتاڙ کان بچائڻ لاء ثقافت کاتي طرفان عيدالاضئ جي موڪلن دوران پهرين کان 4 سيپٽمبر تائين موهن جو دڙو جا آثار ۽ ميوزيم عام ماڻهن لاء مڪمل طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ ڊي جي آرڪيالاجي منظور حسين ڪناسرو جي صحيح سان جاري ٿيل ليٽر ۾ اهڙو حڪم ڪيو ويو آهي۔ ليٽر ملڻ بعد موهن جو دڙو تي مقرر ڪيوريٽر غلام حسن بڙدي عام ماڻهن جي اطلاع لاء موهن جي دڙي جي مکيه گيٽ تي نوٽيس لڳرائي ڇڏيا آهن۔جڏهن ته موهن جو دڙو تي گهڻن لاء ايندڙ عام ماڻهون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ها ته موهن جو دڙو جي اسٽوپا کي بند ڪيو وڃين ها پر سنڌ حڪومت پاران موهن جو دڙو جي سڄي ايريا کي لوگو ايريا بڻائڻ سٺو عمل نه آهي جڏهن تي پري پري کان ماڻهون پنهنجون فيمليون وٺي اچن ٿا جيڪي هن قهر جي گرمي ۾ موهن جو دڙو جي ٻاهران ڪا به سهولت نه هڻجڻ ڪري پريشان ٿين ٿا ان ڪري اسان سنڌ حڪومت کان اهو مطالبو ڪنداسي ته احساس جڳهن کي بند ڪري باقي ميوزم واشروم پارڪ ڪينٽين وغيره کوليه وڃين.