سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو کي امڪاني ٻوڏ جو خطرو،بچاءَ بندن کي کاڌ پئجي وئي، ماهرن پاران ڳڻتي جو اظهار

ڏوڪري(نمائندو)ڏوڪري سنڌ جي عظيم ۽ قديم ماڳ موهن جو دڙو کي امڪاني ٻوڏ دوران وڏو خطرو،بچاء بندن جي اسپرن کي کاڌ پئجي وئي، جائزي لاءِ ماهرن جي ٽيم پهتي، ماهرن بچاء بندن جي حالت تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، ٻوڏ کان اڳ ۾ تڪڙا اپاءَ وٺڻ جون سفارشون تفصيل موجب  سنڌ جي عظيم ۽ قديم ماڳ موهن جو دڙو کي ايندڙ امڪاني ٻوڏ دوران وڏو خطرو موجود آهي بچاء بندن جي اسپرن کي کاڌ پئجي وئي آهي جائزي لاءِ ماهر پهتا، ماهرن بچاء بندن جي اسپرن جي حالت تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ٻوڏ کان اڳ تڪڙا اپاءَ وٺڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. ان ڏس ۾ موهن جو دڙو کي درياهي خطرن جو جائزو وٺڻ لاءِ ماهرن جي هڪ ٽيم ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري جي سربراهي ۾ موهن جو دڙو پهتي ماهرن جي ٽيم پاران موهن جو دڙو ڀرسان درگاهه نورشاه ٻلهڙيجي جي اسپرن جي وچ ۾ سنڌو درياهه طرفان لڳاتار کاڌ ڪرڻ واري عمل کان ويجهڙائي کان جائزو ورتو جنهن بعد ماهرن پاڻي ماهر ادريس راجپوت جيو لاجي شعبي جي ماهر سرفراز شيخ ڊائريڪٽر آرڪيالاجي عبدالفتاح شيخ آرڪيٽيڪ نويد احمد سانگاه، احسان عباسي ،ارشد جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌو درياهه طرفان  موهن جو دڙو وٽان جوڙيل اسپرن نمبر 3۽ 4جي وچ ۾ ڪيل کاڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ماهرن گڏجاڻي بعد ميڊيا کي ٻڌايو ته 10 کان 15سال اڳ موهن جو دڙو کي درياهه مان تمام گهٽ خطرو هو پر ٻن ٽن سالن کان وٺي درياهه پنهنجو رخ موهن جو دڙو ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي ۽ کاڌ وارو عمل موهن جو دڙو جي بچا۽ بندن ۽ اسپرن جي ويجهو پهتو آهي جيڪا ڳالهه خطري جي گهنٽي آهي. ان موقعي تي ماهرن جي ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ڊاڪٽر سرفراز سولنگي ڊائريڪٽر فتاح شيخ. ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ 2017م نيشنل فنڊ فار موهن جو دڙو ايگزيڪيوٽو بورڊ فني ڪاميٽي طرفان پنھجي طور تي هن نقصان جو نوٽيس وٺي سنڌ حڪومت کي سفارشون موڪليون ويون. ان وقت اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته موهن جو دڙو کي درياهي وهڪرن کان درپيش خطرن بابت سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪبو ته جئين هو آپباشي کاتي کي آگاهه ڪري ان سلسلي ۾ مالي مدد ڪري ان ڏس وڏي وزير هدايتون جاري ڪيون هيون ته ان سلسلي ۾ ماهرن تي مشتمل سب ڪميٽي جوڙي وڃي جنهن ۾ ان وقت ادريس راجپوت کي به ان ڪميٽي ۾ کنيو ويو آهي. هنن چيو ته بندن کي درياهه جي خطرن بابت گڏجاڻي ۾ ٿيل فيصلن ۽ گڏ ڪيل سفارشن تي مشتمل و ڏي وزير کي اماڻي ويندي هنن چيو ته جائزي بعد اهو معلوم ٿيو آهي ته سنڌو جي تيز وهڪرن جيڪو نقصان ڏنو ان کي امڪاني ٻوڏن دوران هنگامي بنيادن فلڊ فائيٽنگ جو ڪم ڪرڻ گهرجي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *