سنڌ جي صورتحال تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، اڄ بلاول پاڻ اچي لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن جي حالت ڏسي: چيف جسٽس
December 6, 2017 at 6:10 pmڪراچي(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته سنڌ جي صورتحال تي افسوس آهي ۽ اسان ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ شهر ۾ صاف پاڻي جي عدم فراهمي ۽ نيڪالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال به سپريم ڪورٽ طرفان طلبي تي عدالت ۾ موجود آهي. عدالت جي ڪمري ۾ خراب پاڻي بابت درخواستگذار شهاب اوستو طرفان پيش ڪيل دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. دستاويزي فلم ڏسڻ وقت وڏي وزير چيو ته آئون ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، معزز عدالت مون کي ڪجهه چوڻ جي اجازت ڏئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان کي موقعو به ڏينداسين ۽ ٻڌنداسين به. دستاويزي فلم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سي ايم صاحب دستاويزي فلم ڏسي احساس ٿيندو آهي، ڇا توهان کي ناهي ٿيندو؟ چيف جسٽس چيو ته هن زمين تي سڀ کان وڏي نعمت ئي پاڻي آهي ۽ مراد علي شاهه صاحب اسان ماڻهن کي صاف پاڻي به ناهيون ڏئي رهيا، ان ڪيس کي مخالفاڻو نه ورتو وڃي، اسان وڏي عزت ۽ احترام سان توهان کي گهرايو آهي. جسٽس ميان ثاقب نثار وڏي وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جتي چئو اتي وڃي ان پاڻي جي هڪ هڪ بوتل پيئون ٿا، جيڪڏهن توهان چئو ته آئون ۽ توهان به مٺي وڃي ندي مان هڪ گلاس پاڻي پيئون. چيف جسٽس وڏي وزير کان پڇاڻو ڪيو ته اسان ۽ توهان گڏجي مسئلي جي حل لاءِ ڳولها ڪيون ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جي مدد جي ضرورت آهي ته اسان کان مدد وٺو. چيف جسٽس آف پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري منهنجن ٻارن جيان آهي ۽ هو ڏسي ته لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن جا ماڻهو ڪهڙو پاڻي پي رهيا آهن، خواهش هئي ته بلاول به هتي هجي ها ۽ صورتحال ڏسي ته ان کي به خبر پوي ها ته لاڙڪاڻي جي ڪهڙي صورتحال آهي. ان موقعي تي جسٽس فيصل عرب چيو ته توهان کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عوام چونڊيو آهي، انتظاميا جي ناڪامي کان پوءِ ماڻهو عدالتن ڏانهن منهن ڪندا آهن، پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ ڪو به معاملو عدالت تائين نه آيو. عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي موجود سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪا ويڊيو عدالت ۾ ڏيکاري وئي آهي اها درخواستگذار جي بڻايل آهي، صورتحال ايتري سنگين ناهي، موقعو مليو ته جلد سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي ويڊيو پيش ڪندس. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته شاهه صاحب توهان ان ويڊيو کي ڇڏيو پر ڪميشڻ جي رپورٽ به ڏسي وٺو ۽ ان جي سنگيني جو جائزو وٺو، ڪميشن جي رپورٽ مسئلي جي حل تائين پهچڻ جو ذريعو آهي ۽ رپورٽ ۾ جيڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي ان کان مدد وٺو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪا ويڊيو ڪورٽ ۾ ڏيکاري وئي آهي ميڊيا جا نمائندا پنهنجن پنهنجن چينلن تي ڏيکارن ته جيئن عوام کي خبر پئي، سپريم ڪورٽ پنهنجا ڪلها توهان کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر شاهه صاحب توهان کي به ڪم مڪمل ڪرڻ جي گارنٽي ڏيڻدي پوندي، توهان هن قوم جا چونڊيل اڳواڻ آهيو، علم، ليڊر شپ ۽ قانون تي عمل ڪندڙ قومون کي ڪامياب ٿينديون آهن. ماضي ۾ جيڪو اسان ٻئي مرحلي ۾ ذميوارن جي ڳولا به ڪنداسين، پيئڻ جو صاف پاڻي صوبائي معاملو آهي، توهان ئي حل ڪندا، شاهه صاحب ٻڌي ڇڏيو ته هاڻ اهو مسئلو حل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن خراب پاڻي کان ڇوٽڪارو نه ڏياريو ويو ته پنهنجن ٻارن کي ڪهڙو مستقبل ڏينداسين. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان اسان کي حل ٻڌايو ته مسئلي جو حل هڪ هفتي ۾ ٿيندو يا 10 ڏينهن ۾، پوءِ اسان سڀئي گڏجي ان تي ڪم ڪنداسين ۽ انشا الله 6 مهينن ۾ اهو مسئلو حل ٿي ويندو، اسان کي جواب ڏيڻو آهي اها اسان جي ذميواري آهي جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته 6 مهينن ۾ اهو ڪم مڪمل نٿو ٿي سگهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان وقت گهرندا ته اسان وقت ڏينداسين، توهان جو به ڪي ذميواريون آهن، ڇا اسان کي ناهي ته مائٽن مٽن کي ٺيڪا ڏنا ويندا آهن، پر اسان انهن چڪرن ۾ ناهيون پوندا، اسان کي پلان ٻڌايو، عدالت سهڪار ڪندي. مراد علي شاهه چيو ته چونڊجڻ کان پوءِ طئي ڪيو ته ڪجهه مثال قائم ڪندس، قطار سڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، يقين ٿو ڏياريان ته توهان کي ڪم نظر ايندو پر عدالت کان وقت ڏيڻ جي اپيل آهي. چيف جسٽس وڏي وزير کي چيو ته اهو طئي آهي ته مسئلو حل ٿيڻو آهي، اسان نٿا چاهيون ته اختيار هجن ته حڪومت تي چڙهائي ڪيون، غير جانبداري سان عوامي مفادن لاءِ آئين ڪردار ادا ڪيو، جڏهن به خال پوندو، عدالت پاڻ خال ڀريندي، بد ديانتي جو ثبوت نه توهان جيڪو چوندا ان کي سچ قبول ڪنداسين. سنڌ ۾ ڪير ڪير ذميوارين تي رهيو اهو اڃان ناهي ڏٺو، پر جيڪي به ذميوار رهيا، انهن کي ڇڏبو نه. عدالت کي لکت ۾ ڏيو ته اهي مسئلا ڪڏهن ۽ ڪيئن حل ٿيندا. وڏي وزير چيو ته اسان حڪمت عملي طريقي، مالياتي وسيلن بابت عدالت کي ٽائم فريم ڏينداسين.