ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن هڙتال ڪندي ٽن ڏينهن لاءِ او پي ڊي ۾ ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽرن جي نتظيم مطالبن جي مڃتا لاءِ جناح اسپتال، سول، لياري جنرل سميت سمورن ضلعن ۾ اسپتالن ۾ او پي ڊي شعبن کي مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب مريضن سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. مريضن چيو ته اسپتالن بي يارو مددگار پيا آهيون ۽ ڪو به پرگهور لهڻ وارو ناهي. ڊاڪٽرز ايڪشن ڪميٽي چيو آهي ته پگهارون، الائونسز ۽ هليٿ انشورنس ۾ واڌ لاءِ احتجاج ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي ڊاڪٽرن کي به پنجاب جي ڊاڪٽرن جيتري پگهار الائونس ڏنو وڃي. مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ حڪومت کي هڪ هفتي جو وقت ڏنو هو پر سنڌ حڪومت ڪو به رابطو ناهي ڪيو، جيڪڏهن ٽن ڏينهن ۾ مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته ايمرجنسي ۽ وارڊن ۾ به هڙتال ڪئي ويندي.