سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ سميت 18 ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ غيرسرڪاري نتيجن موجب اڪثر پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويا.
ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي کي 9 سيٽن تي ڪاميابي ملي، جڏهن ته جماعت اسلامي کي 2 سيٽون ملي سگهيون.
جيالن پاران ڪاميابي جي خوشيءَ ۾ جشن ملهائي جهمريون هنيون ويون.
هوڏانهن جماعت اسلامي مخالف اميدوارن تي ڌانڌلي جو الزام مڙهي احتجاج ڪيو، ڪارڪنن جي وڏي انگ مبينا ڌانڌلي خلاف نعريبازي ڪئي.
ڪراچيءَ ۾ يونين ڪميٽي ست لياقت آباد ٽائون جي پولنگ اسٽيشن اسٽينڊرڊ اسڪول تان جماعت اسلامي جي اميدوار سليم الله 104 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي اميدوار 89، پي ٽي آءِ جي 5 ۽ ٽي ايل پي اميدوار 13 ووٽ حاصل ڪيا.
صدر ٽائون جي يوسي 13 جي پولنگ اسٽيشن نمبر 13 ۽ 14 جي غير حتمي نتيجن موجب پيپلزپارٽي ميدان ماري ورتو.
صدر ٽائون جي يوسي 13 جي پولنگ اسٽيشن نمبر 14 تي پ پ اميدوار ڪرم الله وقاصي 448 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته جماعت اسلامي جو اميدوار نور اسلام 77 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو ۽ پي ٽي آءِ جي حمايتي اميدوار محمد بابر 448 ووٽ حاصل ڪيا.
ساڳي ٽائون جي پولنگ اسٽيشن نمبر 13جي نتيجن موجب پ پ اميدوار ڪرم الله وقاصي 277 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيو، جڏهن ته جماعت اسلامي جي اميدوار نور اسلام 68 ووٽ حاصل ڪري ٻئين نمبر ۽ پي ٽي آءِ جو حمايتي اميدوار محمد بابر 61 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو.
ملير ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي يوسي بختاور ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي يوسي شير پائو جي وارڊن تي ٿيل چونڊ نتيجن موجب پيپلزپارٽي جو بابر مگسي 2558 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جماعت اسلامي جو نعمان احمد 558 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رھيو.
يوسي شيرپائو جي وارڊ تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار آصف خان 994 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته جماعت اسلامي جو اڪرام الله 362 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
حيدرآباد ۾ يوسي 46 جي وارڊ هڪ جي جنرل ميمبر لاءِ ٿيندڙ پولنگ جو غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجو پڌرو ڪيو ويو، جنهن موجب جنرل ميمبر وارڊ هڪ جو آزاد اميدوار حارث احمد 281 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.
تحريڪ لبيڪ جو اميدوار محمد عالم غوري 73 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.
نتيجن موجب يوسي51 تي وائيس چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ جو حمايتي آزاد اميدوار عدنان رشيد راجپوت 220 ووٽ حاصل ڪيا ۽ پيپلز پارٽي جو فرحان راجپوت 215 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
قاسم آباد يوسي 125 جي پولنگ اسٽيشن سمال ڪالوني جي نتيجي موجب پ پ اميدوار 53 ۽ پي ٽي آءِ اميدوار 34 ووٽ حاصل ڪيا.
يوسي 140 تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ٿيل چونڊ بعد پولنگ اسٽيشن رحمان اسڪول تي پ پ اميدوار ذوالفقار علي 329 ووٽ حاصل ڪيا ۽ آزاد اميدوار مختيار علي 312 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.
يوسي 125 تي چيئرمين جي چونڊ لاءِ پولنگ اسٽيشن ايڇ ڊي اي آفيس جي نتيجن موجب پ پ اميدوار استحسان برڪت ٻٻر 53 ووٽ حاصل ڪيا ۽ جي ڊي اي جو حمايتي آزاد اميدوار محبوب ابڙو 40 ووٽ کڻي سگهيو.
ٽائون ڪميٽي مٽياري جي وارڊ نمبر ست تي غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار سيد صفدر علي شاهه 469 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جي يو آءِ جو غلام رسول ميمڻ 426 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.
حيدرآباد جي يوسي 51 جي پنجن پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پي ٽي آءِ جو حمايتي آزاد اميدوار عدنان رشيد 1086 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پ پ جو فرحان راجپوت 899 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
سکر جي يونين ڪميٽي 6 بيراج ڪالوني تي پ پ اميدوار ارشاد سولنگي 1212 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته جي يو آءِ اميدوار عبدالمالڪ نوناري 279 ووٽ کڻي سگهيو.
جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 6 تي پيپلزپارٽي جو اميدوار ياسين جکراڻي 857 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اميدوار ولي محمد بروهي 207 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته ٽي ايل پي اميدوار لعل بخش صرف 29 ووٽ کڻي سگهيو.
وارڊ نمبر 6 جو ميمبر نثار احمد جکراڻي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو، ان سيٽ تي ننڍي چونڊ ٿي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار ڪاميابي ماڻي.
شڪارپور ضلعي جي يونين ڪائونسل محمود آباد ۾ چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ ۾ جي يو آءِ اميدوار اسدالله سومرو 3775 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ، جڏهن ته پ پ اميدوار سجاد سومرو 855 ووٽ کڻي هارائي ويو.
قمبر ۾ يونين ڪائونسل لاکا جي وارڊ نمبر ٻه جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پي ٽي آءِ جو حمايتي آزاد اميدوار عبدالقيوم لاکو هڪ هزار 24 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سندس مخالف پ پ اميدوار آصف علي مگسي 629 ووٽ کڻي هارائي ويو.
ساڳئي سيٽ تي پ پ جو شارخ لاکو ڪائونسلر هو، کيس سرڪاري نوڪري ملڻ بعد اها سيٽ خالي ٿي هئي.
سڪرنڊ جي يوسي جمال ڪيريو جي نتيجن موجب پ پ اميدوار الهڏتو رند 2148 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ايس يو پي جو قربان مگسي 571 ووٽ کڻي سگهيو.
غير حتمي نتيجن موجب يوسي ماروي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار محمد شريف مگسي 562 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ايس يو پي اميدوار خادم حسين 153 ووٽ کڻي سگهيو.
ڪنڊياري تعلقي جي يوسي ڪنڌر جي وارڊ نمبر ٽي جي ڪائونسلر زبير احمد رند کي سرڪاري نوڪري ملڻ سبب خالي ٿيل سيٽ تي ٽن اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ پ پ جي اميدوار اختيار احمد رند 490 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏھن ته آزاد اميدوارن امين رند 170 کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
اوٻاوڙي جي يوسي ڪمون شهيد جي چيئرمين جي سيٽ لاءِ ٿيل چونڊ جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب 10 پولنگ اسٽيشنن تي پ پ اميدوار ذوالفقار علي چاچڙ ميدان ماري ورتو.
پ پ اميدوار ذوالفقار علي 2276 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ آزاد اميداوار ارباب علي بوهڙ 1938 ووٽ کڻي هارائي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار محمد صديق ڪوش 1900 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو.
رتيديري ۾ ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر ٻه تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي ٿيل ننڍي چونڊ جي نتيجن موجب پ پ اميدوار منٺار علي عمراڻي 601 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جي يو آءِ اميدوار مولانا انيس الرحمان سومرو 112 ووٽ کڻي سگهيو.
بلڙي شاھ ڪريم جي ٻن يونين ڪائونسل جي خالي سيٽن تي پيپلز پارٽي وڏي سوڀ سان ڪامياب ماڻي ورتي.
يوسي سعيد خان لنڊ جي ضلع ڪائونسل واري خالي سيٽ تي پ پ پاران نامزداميدوار نظيراحمدجلالاڻي غيرسرڪاري نتيجن موجب 2922 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ورتي، جڏھن سندس مقابلي ۾ بيٺل آزاداميدوار حبيب لغاري 578ووٽ کڻي ٻي نمبرتي رهيو.