سنڌ جي خوشحالي جي لاءِ 2018ع ۾ پ پ جي شڪست لازمي آهي: خواجا سعد رفيق

March 24, 2017 at 7:21 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ايندڙ سال 2018ع ۾ پيپلز پارٽي جي شڪست لازمي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻين تي ڪميشن وٺڻ جو الزام لڳائڻ کان پهرين آصف زرداري صاحب پهرين پاڻ کي شيشي ۾ ڏسي. هن چيو ته ڦرلٽ جي بلڪل نوان طريقا ايجاد ڪرڻ زرداري صاحب جو امتيازي طريقو آهي، آصف زرداري جي 10 سالن جي اقتدار واري دور سنڌ کي آفت سٽيل کنڊر بڻايو،  سنڌ جي ترجماني جي دعديوار زرداري پارٽي سنڌ جي عوام کي مايوسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مسلم ليگي اڳواڻن خلاف انتقائي ڪارروائين سان پيش قدمي نه بيهندي.