سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ۽ عظيم ثقافت آهي: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي  06 ڊسمبر 2020:  سنڌ جي اطلاعات، مڪاني ادارن ۽ مذهبي معاملن سيد ناصر حسين شاهه پاران سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ۽ عظيم ثقافت آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ ڌرتي ۽ ان جي ثقافت دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي امين آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي تي پنهنجي ثقافت سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ کي به سلام پيش ڪيو وڃي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان مختلف ثقافتن سان جڙيل خوبصورت گلدستو آهي، پيپلز پارٽي هن گلدستي جي نگهبان ۽ ضامن آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت، سنڌ جي ثقافت کي دنيا ۾ اجاگر ڪيو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته تاريخ گواهه آهي ته سنڌ جي عوام ڪڏهن به ٻئي سرزمين تي حملو نه ڪيو آهي ۽ سنڌ جي لازوال تاريخ ٻڌائي ٿي ته هميشه هن ڌرتي تي دشمنن جي نظر رهي آهي ۽ حملا به ٿيا. هن چيو ته سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي پاڻ ۾ رنجشون ختم ڪري ڀائيچاري کي ڦهلايو وڃي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ثقافت جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو سنڌ ٽوپي ۽ اجرڪ پهريو پر ان سان گڏوگڏ ڪووڊ جي وبائي صورتحال ۾ ماڻهو پنهنجو ۽ ٻين جو خيال رکن، ماسڪ پائي گهران نڪرن ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۾ ئي اسان سڀني جي ڀلائي آهي.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *