سنڌ جي تعليم جي تباهي- پسمنظر ۽ تدارڪ
November 14, 2024 at 2:36 amهن وقت اهو عالمگير سچ آهي ته انساني سماجي ترقيءَ ۾ سڀ کان پهريون سبب “تعليم” آهي، هن وقت تائين انسان جي سماجي تاريخ جيڪي به سماج آيا آهن، هر سماج جي شڪل، نوعيت، ماڻهن جي سوچ، رهائش، کائڻ پيئڻ جا طريقا، هڪ ٻي لاءِ رويا، عام ماڻهو جي سوچ جو انداز فنون لطيف، ٻولي، علم ادب فڪري پهچ، سڀ شيون ان وقت جي ڄاڻ ۽ تعليم سبب هونديون آهن.
برصغير انگريزن جي بادشاهي کان اڳ، قبائلي نظام هيٺ هو، قبائلي سردار، پاڻ کي راجا، حاڪم، شنهنشاهه سڏائي پنهنجي مرضي جو قانون، ضابطهء اخلاق ٺاهي عوام کي غلام بڻائي. سندن صلاحيتون پنهنجي محل محلاتن، ڪوٽ قلعن اڏڻ ۽ ٻين عياشين لاءِ استعمال ڪندا هئا. تن ڏينهن ۾ عوام کي تعليم ڏيڻ جو ڪو تصور ئي نه هو، البته اسان وٽ ملان مڪتب به قبائلي روايتن ۽ روحاني تسڪين لاءِ هلندا. انهن ملان مڪتبن مان تعليم يافته يا فارغ التحصيل ٿي ڪي ماڻهو وڃي رياست جي غلامي جي بهتر پوزيشن کي پهچندا هئا نه ته ٿيو خير…! انگريز سامراج جيئن ئي قابض ٿيو ته هو به ڪاروباري سوچ، سرمائيداري سماج جو ذهن کڻي هتي آيل هو. هتي اول واپاري “ايسٽ انڊيا ڪمپني” نالي پنهنجي ڪاروبار لاءِ ۽ مارڪيٽ تي قبضه گير ٿيڻ لاءِ سڌو سنئون واپار ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ پوءِ ان ڪم ۾ ڪي رڪاوٽون نظر آيون ته انهن سان دوبدو جديد هٿيارن سان وڙهڻ، جنگيون ڪرڻ شروع ڪيائين، هنن جڏهن هتي جي مقامي رياستن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا ته اتي جي عوام کي اڳ جي بنسبت ٿورو بهتر سماجي تصور ڏيڻ شروع ڪيو، جيئن مقامي دشمن گھٽائي سگھجن. جهڙوڪ: سمورن ماڻهن لاءِ هڪڙو قانون ھجڻ، روڊ رستا ٺاهڻ ۽ جديد تعليم جو انتظام ڪرڻ جھڙا ڪم شامل هئا.
نئين جديد تعليم جو تصور، انگريزن جي اچڻ سان شروع ٿيو. جيتوڻيڪ هنن جي غلامي جا ٻيا ڪيترائي معاشي ۽ سماجي، سياسي پاسا خراب هئا پر تعليم جو جديد سرشتو متعارف ڪرايو. جڏھن ته هنن جي تعليم واري سخاوت محدود علائقن ۽ مخصوص ماڻهن لاءِ ڪئي وئي هئي، ڇو ته هنن کي هتي حڪومت ڪرڻ لاءِ پڙھيل نوڪر شاھي گهربل هئي. هتي جي ڪجهه سمجهدار سماجي اڳواڻن جديد تعليم جي افاديت کي سمجهندي اسڪول، ڪاليج بلڪه يونيورسٽيون کولڻ شروع ڪيون، جن جو خرچ انگريز سرڪار جي رياست نه پر هو مقامي طرح پنهنجي هڙان ۽ وڙان خرچ ڪري تعليمي ادارا هلائيندا هئا. جهڙوڪ: سر سيد احمد خان، نور محمد وڪيل، مير غلام محمد ٽالپر… جن علي ڳڙهه يونيورسٽي، سنڌ مدرسته الاسلام، لارينس هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو، نور محمد هاءِ اسڪول حيدراباد جھڙا تعليمي ادارا قائم ڪيا. جڏھن انگريز واپس ويا ته هنن رياستي چارج مقامي ماڻھن حوالي ڪئي ته انهن سامراجي داداگيري ۽ ڦرلٽ ڪرڻ واري پاليسي ته ساڳئي اختيار ڪئي پر عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي به بھترين ڪم ڪرڻ بجاءِ صرف پنھنجن خاندانن جا کيسا ڀرڻ شروع ڪيا. هنن تعليم ڏانهن ڪو به خاص ڌيان ڪونه ڏنو،
سنڌ جي جاگيردارن ۽ حاڪمن ته عوام کي تعليم ڏيڻ جي الٽو مخالف ڪئي. ماضي قريب ۾ اهڙا کوڙ مثال آهن، جن ۾ وزير تعليم خود چوندا رهيا ته، “اگر پورهيت يا هارين جا ٻار پڙهيا ته اسان جي نوڪري يا مزدوري ڪير ڪندو”. هنن عورتن جي تعليم کي ته بلڪل “گار” سمجھي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن وقت سنڌ جي تعليم جي صورتحال ڏاڍي خراب آهي. ملڪ جي سمورن صوبن کان “سنڌ” جيڪا پرصغير جي پهرين رياست، پهريون آزاد ملڪ هو، جيڪو 1843ع تائين هڪ الڳ رياست هو، اهو گذريل ٻن صدين کان غلام، محتاج ۽ بي اختيار آهي. ان ملڪ جي عوام جي دماغ مان حاڪم پڻو ڪڍڻ لاءِ کين ڳيجهو، غلام، محتاج بنايو ويو آھي. تعليم جي سڄي نظام کي ٻيون ٽيون نمبر درجو ڏئي کين جاهل ۽ ڌاڙيل، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو محتاج، دردر ڌڪا کائيندڙ ڪيو ويو آهي. وڏي گهري سازش ڪري تعليم جي حالت خراب ڪئي ئي آهي.
* پرائمري تعليم برباد آهي.
* پرائمري اسڪول جهڙي به حالت ۾ آهن، انهن ۾ استاد پڙهائين ڪونه ٿا. اگر وڃن ٿا ته جديد طريقي سان پرهائي ڄاڻن ڪونه ٿا.
* والدين پنهنجي ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ کي فضول سمجهن ٿا. ڄڻ ته تعليم جي ڪابه اهميت نه آهي. انهيءَ ڪري هو اسڪول بلڊنگ، شاگردن جي ۽ استادن جي حاضري بابت بلڪل بي فڪر آهن.
* تعليم جو سڄو نظام برباد آهي. اسڪولن جي تدريسي عمل جي ڪابه پڇا ڳاڇا نه آهي.
* تعليمي علمدار تعلقه، ضلع، ريجن بلڪ پوري صوبي جا تعليم جي واڌ ۽ معيار بابت ڪابه پڇا نٿا ڪن .
* اسڪول مئنجمنٽ ڪميٽي (SMC) نالي ماتر ٺهيل آهن. اهي پنهنجي ذميواري کان بلڪل اڻ ڄاڻ ۽ بي عمل آهن.
* هاءِ اسڪولن جون ليب ته بلڪل ناڪاره بڻيل آهن، جن جو ڪوبه استعمال ئي نه آهي.
* مڊل، هاءِ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ مضمونن جا استاد آهن ئي ڪونه، انهيءَ ڪري لاڳاپيل مضمونن تي جيڪو به استاد پڙهائڻ وڃي ٿو، اهو خود اڻ ڄاڻ آهي.
* بلڊنگ ۽ فرنيچر پرائمري اسڪولن کي مليل ئي نه آهن. هن وقت ته اڌ کان وڌيڪ پرائمري اسڪول وڻن جي ڇانءَ ۾ يا جهڳين ۾ هلندڙ آهن، باقي به هڪ ٽيچر وارا اسڪول آهن، جتي هڪ استاد 5 ڪلاس ۽ هر هڪ ڪلاس جا 7 مضمون پڙهائي ٿو.
* سنڌ جي اڪثر ڪاليجن ۾ سائنس جي مضمونن جا استاد موجود ئي نه آهن. سنڌي، اسلاميات، پاڪستان اسٽڊيز جا پنج پنج ليڪچرار موجود آهن، جن مضمونن جا ڪلاس هلن ئي ڪونه ٿا. استاد جيڪو لکين روپيا پگهار کڻي ٿو، اهو هفتي بلڪ مهيني ۾ هڪڙو پيرڊ به نه ٿو وٺي.
* اڄ ڏينهن تائين تعليمي نصاب کي جديد عالمي ليول جي ضرورتن مطابق ترتيب ئي ڪونه ڏنو ويو آهي. پرائمري کان يونيورسٽي تائين اسان جو نصاب غير سائنسي، رجعت پرست، مدي خارج آهي. ان بابت ڪڏهن به تعليمي ماهر گهرائي نصاب ۾ تبديليون آڻڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي آهي. رياست جي ضرورتن پٽاندر “ڏٻي ۾ ٺڪريون” نصاب پڙهايو وڃي ٿو.
* سنڌ ۾ تعليم ۾ ڪيترائي ڪلچر مشهور آهن، جهڙوڪ ويزا ڪلچر، سفارش ڪلچر، ٽيوشن ڪلچر، ڪاپي ڪلچر وغيره. جيڪي تعليم کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن.
* سنڌ جا چونڊيل عوامي نمائندا، يونين ڪائونسلر کان ايم اين اي تائين ڪوبه تعليمي ادارن جي ڪابه پڇا ڳاڇا نه ٿو ڪري، ڄڻ ته هُو ان ڪم کي فضول سمجهن ٿا.
* هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چونڊ يا پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان اڪثر جعلي، غير معياري ۽ غير ذميوارڻي طريقي سان ورتا وڃن ٿا. نتيجي ۾ دنيا ته پري جي ڳالهه آهي پر اسان جي ملڪ جي اهم ادارن ۾ به يونيورسٽي پاس ڪيل شاگرد جي ڊگري کي ڪابه اهميت نه ٿي ڏني وڃي.
* اسان جي ملڪ جي هڪ به يونيورسٽي دنيا جي چونڊ ڏهن يا ويهن يونيورسٽين ۾ شامل نه آهن.
ان صورتحال جا سبب
- ملڪ ٺهڻ سان ملڪ جي ترقياتي بجيٽ ۾ تعليم کي تمام گهٽ جاءِ ڏئي ويئي. جيڪا اڄ ڏينھن تائين هلندڙ آهي. انهيءَ ڪري تعليم مسلسل نظر انداز رهي ٿي.
- چونڊ جي آيل نمائندن يا عام عوامي اڳواڻن سماجي يا سياسي ليڊرن. ملڪ خاص طور سنڌ جي تعليم طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو. يونيورسٽين کان پرائمري تعليم تائين ڪڏهن سوچيو ئي نه ويو.
- ملڪ ٺهڻ سان رياستي طاقتور ۽ بااختيار ڌريون، جن جو پهرين ڏينهن کان بولتي هلي ٿي، انهن خود شعوري طور پنهنجن ٻارڙن لاءِ ملڪ جي ڪن اهم وڏن تعليمي ادارن ۾ داخلائون ڪرايون يا مورڳو ٻاهرين ملڪن ۾ ٻارڙا وٺي ويا. ملڪ جي تعليم جي بجيٽ گهٽائي ۽ سندن ذاتي فائدي وارن ڪمن ۾ پيسا وڌيڪ رکرايا. اڄ ڏينهن تائين عسڪري ادارن جي بجيٽ تعليم جي بجيٽ کان گهڻي آهي.
- جئين ته لاقانونيت هن ملڪ جو ڄڻ ته قانون آهي. انهيءَ ڪري سمورا انتظامي، عدالتي ادارا، چونڊيل ايوان سڀ ڪرپشن جي شعلن ۾ سڙي برباد ٿي ويا آهن. تعليم جو عمل به شروعاتي بجيٽ کان اسٽاف جي اپائنمنٽ، تعليمي ادارا تعمير ڪرڻ، انفرا اسٽرڪچر ڏيڻ انتظاميا ۽ استادن جي ڀرتي تائين سمورا عمل رشوت، سفارش ۽ ڪرپشن وسيلي خراب ڪيا وڃن ٿا. نتيجي ۾ تعليم روز بروز تباه حال بڻجندي پئي وڃي.
- سنڌ جي اديب، دانشور پڙهيل لکيل ماڻهو ڪڏهن به تعليم کي زندگي موت جو مسئلو سمجهي تباه حالي کان قوم کي بچائڻ لاءِ ڪو به وزندار خيال ئي ڪونه ڏنو آھي.
- عالمي سامراجي قرض ڏيندڙ ادارن/قوتن هن ملڪ جي ننڍين قومن جي تعليم جي بهتري ۽ سماجي ڀلائي بابت ڪڏهن به ڪا ايجنڊا نه رکي آهي، نه ئي ڪو دٻاءٌ وڌو آهي ته تعليم سڌاريو.
- سٺي تعليم حاصل ڪيل نئون جوانن جي اوليت صرف ڪمائي واري نوڪري حاصل ڪرڻ رهي آهي. هنن ھن قومي زندگي ۽ موت جي مسئلي تي ڪڏھن ويچاريو ئي نه آهي.
- صدين جي سماجي، سياسي ۽ ذهني غلامي سبب سنڌ جي عوام جا تعليم بابت رايا بلڪل غير منطقي رهيا آهن. جهڙوڪ نياڻيون يا عورتون پڙهي ڇا ڪنديون، تعليم اهڙي پڙهجي، جنهن سان جلدي نوڪري يا ڪو روزگار ملي وڃي. اگر پڙهي ڊاڪٽر ٿيو ته اوليت ڪمائي کي ڏيو. چٽاڀيٽي يا ڪميشن وارا امتحان پاس ڪري ڪا ڪمائي واري نوڪري حاصل ڪريو. ذاتي مستقبل سڌاريو، ان سان ئي اوهان جو ڀلو آهي.
- تعليم سان لاڳاپيل استادن جي وڏي اڪثريت پرائمري کان يونيورسٽين تائين تعليم کي خراب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.
- اڪثر تعليمي ادارن جا سربراهه، سفارشي نا اهل ڪرپٽ هوندا آهن. جيڪي ڪنهن به ميرٽ تي نه پر رشوت ۽ سفارش سان ڀرتي ڪيا ويندا آهن. جن وٽ شاگردن کي اعلى ترين انسان بنائڻ جي ڪا به ايجنڊا نه هوندي آهي.
تباهه حال تعليم کي ڪيئن سڌارجي؟
- سڀ کان اول سنڌ جو سياسي سماجي ورڪر دانشور، اديب، باشعور شهري، محسوس ڪري ته “تعليم ئي انساني زندگي جو اهم جز آهي، تعليم ئي اسان جي زندگي جو بچاءُ ۽ قوم جي سڃاڻپ آهي، تعليم جي سڌارڻ لاءِ ڀرپور رٿابندي ڪجي، هر اهو عمل جيڪو تعليم جي بهتري لاءِ هجي. ان جي نه صرف حمايت ڪجي پر ان جي هر طرح مدد ڪجي.
- تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل، پهريون فرد استاد آهي. استادن کي سمجهڻ گهرجي ته “قومي ۽ ذهني غلامي جو پهريون سبب جھالت آهي”. ان ڪري جيڪو به استاد تعليمي عمل ۾ صرف پنهنجي ڊيوٽي کي اهم سمجهي ۽ تعليم جي سڌاري ۾ فڪر نه ڪري ان کي ضرور سمجهائجي ته تعليم جي مونجهارن کي ختم ڪرڻ ۾ هراول دستو استاد کي ئي ٿيڻو آهي. اهوئي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اڳيان اچي.
- سرڪار جي واسطيدار شعبي مان لاڳاپيل سمورن آفيسرن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪجي. جن ۾ سپروائزر، DEO, TEO، ڊائريڪٽر ۽ سيڪريٽري سڀ ميرٽ تي ئي ڀرتي ڪيا وڃن.
- سرڪار تي زور لڳائجي ته تعليم لاءِ بجيٽ عسڪري بجيٽ کان وڌيڪ هجي، نه ته به ان جي برابر ضرور هجي، ڇو ته تعليم ئي قوم جي بچاءَ جو اصل شعبو آهي.
- سڀئي سياسي، سماجي، تنظيمون، پارٽيون تعليم جي صورتحال بهتر بنائڻ لاءِ راهه عام هموار ڪن. سرڪار تي زور ڀرين ته تعليمي صورتحال بهتر بنائي.
- سنڌ حڪومت کي تسليم ڪرائجي ته سنڌ جي تعليم ملڪ جي سمورن صوبن کان بدتر آهي، ان کي برابري جي بنياد تي آڻڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون، خرچ ڪرڻ ۽ اهميت ڏيڻ جي ضرورت آهي.