ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار نئين مالي سال 20-2019 جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن طرفان احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته نئين مالي سال دوران سنڌ کي 12 کرب 17 ارب 89 ڪروڙ 97 لک رُپين جو وفاق توڙي پنهنجن وسيلن مان مجموعي آمدني ٿيڻ جا امڪان آهن. هُن چيو ته نئين مالي سال دوران ٽئڪس اوڳاڙي جو حدف 145 ارب رُپيا رکيو ويو آهي، جڏهن ته اسان 2 کرب 84 ارب جا ترقياتي ڪم ڪرائينداسين. صوبائي سطح تي تي سالياني ترقياتي پروگرامز يعني اي ڊي پي تحت نئين مالي سال لاءِ 2 کرب 8 ارب رُپيا رکيا ويا، جڏهن ته ضلعي سطح تي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 20 ارب، پرڏيهي فنڊز مان هلندڙ منصوبن لاءِ 51 ارب ۽ وفاقي گرانٽس تحت هلندڙ منصوبن تي 51 ارب رُپيا خرچ ڪيا ويندا. بجيٽ تقرير دوران وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي ايڇ وفاق پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي ڇڏيون آهن، تنهن ڪري اُنهن لاءِ پئسا ناهن رکيا ويا.