سنڌ جي اسپتالن ۾ 7 سالن کان 1500 ڊاڪٽرن جي غير حاضري جو انڪشاف

ڪراچي(م ڊ) صحت واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته 2011ع کان هن وقت تائين 1500 ڊاڪٽر پنهنجين ذميوارين کان غير حاضر رهيا. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ صوبي جي سرڪاري اسپتالن جي ٻڏتر صورتحال تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو صوبي جي 34 اسپتالن بابت 258 صفحن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته کاتي کي ڊاڪٽرن، اسٽاف نرس، نرسز ۽ طبي عملي کي سخت ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو پوي جڏهن ته 2011ع کان وٺي هن وقت تائين 1500 ڊاڪٽر غير حاضر رهيا جن مان 12 سئو  13 ميڊيڪل آفيسر، 139 وومين ميڊيڪل آفيسر ۽ 148 سينيئر ميڊيڪل آفيسر شامل آهن. ۽ تازو ئي 5 هزار 402 ڊاڪٽرن کي مختلف اسپتالن ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غير حاضر ڊاڪٽرن جي برطرفي لاءِ سمري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏانهن موڪلي وئي آهي ۽ اخبارن ۾ اشتهارن کان پوءِ ڄاڻايل ماڻهن کي برطرف ڪيو ويندو. صوبائي صحت واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي غير حاضري کان پوءِ هاڻ اسٽاف حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته طبي عملي جي گهٽتائي پوري ڪرڻ لاءِ شفاف مقررين جو عمل به جاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *