ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ وٽ سنڌ جي عوام جو پئسو پيل آهي، اُهو مليو ته خرچ ڪنداسين، بحريه ٽائون جي پئسن مان 60 سيڪڙو ڪراچي ۽ 40 سيڪڙو ٻين ضلعن تي خرچ ڪنداسين، ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته صادق ۽ امين جا واٺا سنڌ جي ترقي نٿا ڏسڻ گهرن، اُهي تنقيد ۾ بڪواس ڪندا آهن، وفاق جا واٺا سنڌ خلاف سازِشون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته هو سنڌ جا دشمن آهن، سنڌ جي ترقي نه ٿا چاهين، سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي ترقي جا دشمن خوار رهندا، سنڌ حڪومت جي برائي لاءِ اجلاس سڏايا وڃن ٿا، انهن اجلاسن ۾ سنڌ دشمني جو مظاهرو ڪيو وڃي ٿو، صادق ۽ امين جا واٺا سنڌ جي ترقي جا دشمن آهن:مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آهن، ملير ۾ٽيون منصوبو مڪمل ٿيڻ تي آهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي وزيرن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهي اجلاسن ۾ غريبن جي مسئلن تي ناهن ڳالهائيندا پر ڳالهه اها ٿيندي آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪهڙي برائي ڪئي وڃي، ڇو ته صادق ۽ امين جا چمچا سنڌ جي ترقي نٿا ڏسي سگهن.ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ميڊيا کي وزيرن جون تڪراري ڳالهيون کپنديون آهن ۽ پوءِ گوڙ ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جا دشمن ۽ اها چمچا پنهنجي پنهنجي بڪواس شروع ڪري ڇڏيندا آهن.هن چيو ته ڪراچي کي پنهنجو وارث سمجهندڙن ڪراچي جو جيڪو حشر ڪيو آهي، اهو توهان جي سامهون آهي، ڪراچي ۾ انڪروچمينٽ کي هٽائڻ جو ڪم صوبائي حڪومت جو ناهي پر ڊي ايم سيز ۽ ڪي ايم سي جو ڪم آهي، انڪروچمينٽ ڪرائيندا به اهي آهن ۽ جڏهن هٽائڻ جو وقت ايندو آهي ته چوندا آهن سنڌ حڪومت ڪو پاور نٿي ڏئي.وڏي وزير سوال ڪيو ته ڪنهن پاور ورتا ها توهان جا؟ توهان پنهنجي پاور جي بنياد تي انڪروچمينٽ جي اجازت ڏني ۽ پنهنجي اختيارن جو ناجائز فائدو کنيو.سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت 63 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، اسان کي ان کان گهٽ پئسا مليا آهن، ان ئي بنياد تي اسان پبلڪ پارٽنرز ڏانهن وڃي رهيا آهيون، اهي قرض آهن، جيڪي ايندڙ نسلن کي واپس ڪرڻا آهن پر هن وقت شهر کي ڊيولپ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.