سيوهڻ: (رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير ھڪ ئي خاندان جو درباري ٿيڻ بدران پنھنجي عوام جو ۽ پنھنجي تڪ جو درٻاري ٿي خدمت ڪري۔وفاقي وزير اطلاعات فردوس عاشق اعواڻ جي درگاھ قلندر تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ھن چيو ته امن محبت ۽ پيار جو پيغام ڏيڻ واري ھستي جي مزار تي آئي آھيان باقي ايترو ضرور چوندس ته جنھن لعل شھباز قلندر جي نگري جو قدر نه ڪيو اھو سنڌ جو قدر ڇا ڪندو ھن قلندر جي چاھيندڙن لاء ڪا به سھولت ميسر ناھي نه پاڻي نه روڊ رستو ۽ نه ئي صحت جي ڪا سھولت موجود آھي وڏو وزير ھڪ ئي ڀٽو خاندان جي خدمت ڪرڻ بجاء عوام جي خدمت طرف به اچو اوھان جو تڪ اوھان جو منتظر آھي ۽ اوھان کي سڏي رھيو آھي جيڪو اصل اوھان جو ڪم آھي.ھن چيو ته ھڪ خاندان جا درٻاري بڻجي سنڌ حڪومت سان ناانصافي نه ڪيو ۽ عوام جا درٻاري بڻجو ۽ جنھن نگري مان اوھان ڪامياب ٿيا آھيو اھا نگري به اوھان کي سڏي رھي آھي ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته قلندر جي دھرتي جي ڇانو ۾ بيھي مان دعا ئي ڪري سگھان ٿي ته پروردگار اپوزيشن کي ھدايت ۽ آئيني ۾ پنھنجو چھرو ڏيکاري ۽ انسان آئيني ۾ جڏھن پنھنجو چھرو ڏسندو آھي ته ان کي پنھنجي چھري تي داغ نظر ايندو آھي ۽ اپوزيشن جي چھري تي لڳل جيڪو سياھ داغ آھي اھي شيشي ۾ پاڻ کي ذسن ۽ پنھنجي گريبان طرف ڏسن ۽ پوء مھانگائي جو ماتم ڪن پھرين انھن ڪارن داغن جو ماتم ڪن ۽ عوام کي ان حد تائين پھچائڻ وارن سياسي اداڪار جيڪا واويلا ٿا ڪن انھن جي اداڪاري جو به ڪمال آھي جو اڄ پاڪستان ان حالت ۾ پھتو آھي.ھن چيو ته ووٽ جي پرچي سياھ ٺپي ھنن جي ڪاراڻ کي بي نقاب ڪري ھنن کي رد ڪري ڇڏيو آھي تڏھن ان خلاف ھو يوم سياھ ملھائي رھيا آھن مان سمھجان ٿي ته عمران خان ھن ملڪ جي سڃاڻپ لاء جنگ وڙھي رھيو آھي جڏھن ملڪ ۾ استحڪام ايندو آ ته انويسمنٽ ايندي آ جڏھن ملڪ ۾ امن ايندو آ ته روزگار ايندو آ ۽ اھي ٻئي عمل ھن شروع ڪيا آھن پنجويھ جولائي تي عوام يوم تشڪر ملھائي ھنن کان احتساب گھري ۽ ان ئي تاريخ تي بار بار انھن کي رد ڪري ڇڏيو آھي ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته استحڪام ۽ معاشي استحڪام ۽ امن ۾ وڏي اھم اڳڀرائي ٿي آھي عمران خان جي آمريڪا جي دوري جي ڪري مان ھن قلندر جي نگري ۾ دعا به ڪندس ته عمران خان ۽ ھن حڪومت لاء آسانيون پيدا ڪري ته جيئن عوام کي ھنن ڏکن مان نجات ڏيارڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪريون ۽ پاڪستان کي اڳتي ڪرڻ ۾ رھنمائي ڪري.ھن چيو ته سينٽ چيرمين لاء اپوزيش جيڪو سياسي دنگل شروع ڪيو آھي اھو ھڪ وفاقي ۽ علامت وارو ادارو آھي اپوزيشن سينيٽ چيرمين کي ھٽائڻ لاء سياسي آکيڙو بڻائي پنھنجي خواھشن وارو چيرمين آڻن چاھي ٿي ۽ اسان جي حڪومت ان لاء آئين ۽ قانوني رستو اختيار ڪندي ۽ ھنن جا ارمان آھستي آھستي ٿڌا ٿي ويندا آخر ۾ ھن چيو ته عمران خان جي آمريڪا واري دوري جي خوشخبري آھا آھي ته اسان جي پاڪستان جي سائي جھنڊي ۽ سائي پاسپورٽ جو تقدس بحال ٿيو آ ان کان وڌيڪ خوشخبري ڪھڙي آ.