سنڌ جو هر کاتو ڪرپشن جي ور چڙهي ويو:پي ٽي آءِ/ کنڊ بحران ۾ وزيراعظم ملوث آهي، پڇاڻو ڪيو وڃي:پيپلز پارٽي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ۽ پي ٽي آءِ طرفان هڪٻئي تي تنقيد ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مراد علي شاهه کي هٿ ٻڌي گذارش ڪريون ٿا ته سنڌ جي عوام تي رحم ڪري، بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جي پارٽي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هر کاتو ڪرپشن جي ور چڙهي ويو، بلاول ڀٽو ٻاهر نڪري ۽ ڏسي ته سنڌ جي اسپتالن جي ڪهڙي حالت آهي؟ ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي آهي؟ سنڌ کي تباهه ڪيو ويو آهي، سنڌ جي عوام سان ظلم ٿي رهيو آهي ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته کنڊ اسڪينڊل ۾ شهزاد اڪبر ۽ وفاقي حڪومت وزيراعظم عمران خان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته کنڊ اسڪينڊل ۾ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان ۾ پ پ قيادت ملوث آهي، انڪوائري رپورٽ اچڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت کان ڪجهه سوال ڪيا هئا پر ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود انهن طرفان جواب نه آيو، انڪوائري رپورٽ چئي ٿي ته کنڊ بحران جو سبب ان جي برآمد آهي، جنهن جي اجازت ته وفاقي حڪومت ڏني هئي.هن چيو ته ڪنهن نه ڪنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم کي انڪوائري ڪميشن سامهون نه گهرايو ويو، عمران خان کان پڇاڻو ناهي ڪيو ويندو، ڇو ته هن جو واسطو پ پ سان ناهي، شهزاد اڪبر ۽ وفاقي حڪومت وزيراعظم کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڇو ته سڌي ريت وزيراعظم ان جو ذميوار آهي، شهزاد اڪبر ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيو آهي ته وزيراعظم کنڊ برآمد جي اجازت ڏني.سندس چوڻ هو ته آصف زرداري پنهنجا اثاثا اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، اپوزيشن ليڊر فردوس شميم چئي ٿو ته آصف زرداري جون 18 شگر ملون آهن، جيڪڏهن وٽس ڪي ثبوت آهن ته اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري، مان اهڙن بي بنياد الزامن کي رد ٿو ڪيان.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *