ڪراچي ( م ڊ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ايم اين اي محبوب عالم، ايم پي اي سيف الدين خالد ۽ محمد ڪامران پي ايس پي ۾ شامل ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ جو ايندڙ وڏو وزير يا ته پي ايس پي هوندو يا وري اسان جو حمايت يافته هوندو، پي ايس پي سنڌ جي شهري علائقن ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ جيڪي حالتون هلي رهيون آهن ڪو به نظرياتي شخص اتي رهي نه ٿو سگهي، امي ڪيو ايم پاڪستان مان سڀ ماڻهو پي ايس پي ۾ شامل ٿيندا. سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي اهڙو شهر بڻائينداسين جنهن ۾ ڪو به ڏوهه کان اڳ 2 ڀيرا سوچيندو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پي ايس پي ۾ هر زبان، هر مذهب سان تعلق رکندڙ شخص آهي، ڪراچي ۾ امن جو سڀ کان وڌيڪ فائدو اردو برادري کي آهي. هن چيو ته ٻن سالن ۾ ڪنهن کي گار نه ڏني آهي، اسان کي پڪ هئي ته سڀ اسان طرف ايندا ، اسان جو نظريو سچو هو، خبر هئي ته ٻئي طرف ڪوڙ آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي سڀ کان وڌيڪ امن وارو شهر بڻائڻ چاهيون ٿا.