ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌسرڪار جي پيش ڪيل بجيٽ تي بحث، پ پ ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ۾ گرما گرمي۽ جملي بازي، مخالف ڌر جي ميمبرن جو احتجاج، حڪومتي ڪارڪردگي تي تنقد، ميئر کي اختيار ڏيڻ جو مطالبو، حڪومتي ميمبرن بجيٽ کي عوام دوست قرار ڏئي ڇڏيو تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ 11 لڳي 40 منٽن تي شروع ٿيو. اجلاس ۾ سال 18/2017 لاءِ بجيٽ گوشوارن ۽ 17/2016ع لاءِ ضمني بجيٽ گوشوارن تي پهرين ڏينهن عام بحث دوران فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ شهريار خان مهر خطاب ڪندي چيو ته وڏي وزير بجيٽ ۾ سياسي مفاهمت تي هلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي هو ڪهڙي مفاهمت تي هليو آهي. پ پ حڪومت ته مخالفن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن اهو عمل جمهوري ناهي اهو عوام کي گمراهه ڪندڙ آهي، هن چيو ته وڏي وزير انرجي سيڪٽر بابت وفاقي سرڪار مٿان الزام لڳايا آهن مان پڇڻ چاهيان ٿو سنڌ سرڪار ايترن سالن ۾ حڪومت ۾ هئي ته انهن ڇا ڪيو، پ پ وفاقي سرڪار ۾ هوندي سنڌ کي ڇا ڏنو آهي، هن چيو ته وڏو وزير قائد جي مزار تي لوڊشيڊنگ لاءِ ته احتجاج ڪري ٿو پر ڪي اليڪٽرڪ سان نٿو لڳائي، توهان کي وفاق گهر ۾ اچي بجلي ته نه ڏيندو نه ان لاءِ توهان کي پاڻ بجلي پيدا ڪرڻي پوندي توهان وٽ انرجي موجود آهي مان وڏي وزير جي 477 ميگا واٽ واري ڳالهه کي رد ٿو ڪيان توهان سئو کان 150 ميگا واٽ ڏئي سگهيا آهيو، سڄو ملڪ سولر انرجي استعمال ڪري ٿو پر سنڌ سرڪار سولر تي هڪ روپيو به ناهي رکيو، ٿر ڪول مان ڪيترا ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهيا آهيو اهو به هڪ سوال آهي صرف ڪتابن ۾ لکي عوام کي بي وقوف بڻائي رهيا آهيو، هن چيو ته تعليم زيرو آهي پر 202 ارب رپيا رکيا ويا، 40 ڪروڙن جا پنهنجي ذاتي پرنٽ مشينن تي ڪتاب ڇاپيا ويا، هن چيو ته صحت کاتي بابت 100 ارب رکيا ويا، اسان جو صحت کاتي جي صوبائي وزير مٿان اعتماد آهي پر ڇا ان کي بجيٽ استعمال ڪرڻ جا پاور هوندا اهو هڪ سوال آهي.هن چيو ته آصفه ڀٽو ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جي ملازمن کي پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن، سنڌ ۾ هيپا ٽائٽس وڌي وئي آهي ماڻهو دربدر آهن، امان امان جي حالت به خراب آهي هن چيو ته آءِ جي سنڌ کي ڪم نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي گهرو وزير جي تڪرار سبب امن سواليا نشان بڻيل آهي، ايس پي، ڊي سي سميت اهم آفيسر سياست جي ور چڙهيل آهن اهڙي عمل سان امن نه ايندو، ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد چيو ته بجيٽ هر سال ايندي آهي بحث به ٿيندا آهن پر ان جو فائدو ناهي ٿيندو، هر سال بجيٽ ۾ کاتن کي 10 سيڪڙو بجيٽ وڌائي ڏيو ٿا پر کاتا خرچ نٿا ڪري سگهن، سڀ ويهي بجيٽ ٺاهڻ جي ترڪيب کي تبديل ڪريون ڇو ته بجيٽ ۾ پيسا ضايع ٿين ٿا، وفاقي سرڪار کان 80 سيڪڙو پيسا ملن ٿا اسان پنهنجي پيرن تي ناهيون بيٺا، اسان وفاق جي آسري تي آهيون وفاق اوڳاڙيِ ڪري ٿو جيڪو اسان کي ڏنو وڃي ٿو ان جي خبر نٿي پوي،ان ريشو کي به تبديل ڪرڻو پوندو، بجيٽ جي ريٽنگ ڪئي وڃي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته اها ٻهراڙي مان پيدا ٿئي ٿي يا شهري علائقن مان، هن چيو ته وفاقي حڪومت وسيلن مان 45 سيڪڙو پاڻ وٽ رکي ٿي ته پوءِ صوبي کي 35 سيڪڙو ته ڏئي، ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس کي وفاق جيان صوبو به لاڳو ڪري ڪڻڪ، ڪپهه چانورن تي اڍائي سيڪڙو وڌ هولڊنگ ٽيڪس چارج ڪيو وڃي، هن چيو ته وڏي وزير جو ڪم ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ جو ناهي اهو ڪم مڪاني حڪومتن جو آهي ان کي اختيار ڏنا وڃن ۽ فنڊ به جاري ڪيا وڃن، فنڪشنل ليگ اڳواڻ سعيد نظاماڻي چيو ته بجيٽ ته هر سال رکي وڃي ٿي پر 50 سيڪڙو اسڪول بند پيا آهن. اسپتالن جو به حشر خراب آهي پ پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق چيو ته بجيٽ عوام دوست پيش ٿي آهي ان ۾ هر ايريا کي فوڪس ڪيو ويو آهي،سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن جيڪي رهن ٿا اهي ايندڙ سال مڪمل ٿي ويندا،هن چيو ته نواز حڪومت ته عوام کي بجلي به نٿي ڏئي سگهي، ايم ڪيو ايم جي عبدالحسيب چيو ته تعليم، صحت، بجلي، آبپاشي جي بجيٽ به ڏٺي آهي پر حقيقت کي ڏٺو وڃي ته بجلي سحري ۽ افطاري جي وقت غائب رهي ٿي، تعليمي نظام ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، ايم ڪيو ايم جي راشد خلجي چيو ته سنڌ جي وڏي حيدرآباد شهر کي نظرا نداز ڪيو ويو آهي، پ پ نٿي چاهي ته حيدرآباد شهر ترقي ڪري. ڊاڪٽر ستار راڄپر چيو ته رنگ نسل ۽ اوچ نيچ کان هٽي ڪري عوام لاءِ ڪم ڪيون پيا، هي بجيٽ عوام دوست آهي. شميم ممتاز چيو ته ڪراچي لاءِ بجيٽ رکي پر ڪراچي جي مالڪي ڪندڙن رڳو گوڙ ڪيو پر سندن گوڙ ڪم نه آيو. هن چيو ته ميئر کي روڊن تي نڪرڻ کان ڪنهن روڪيو، ڪم جي نگراني ڪرڻ تي پئسا نه لڳندا آهن. هن چيو ته ٿر ۾ ٻار خوراڪ جي کوٽ ڪري نه پر ننڍي عمر ۾ شادي ۽ ٻار مٿان ٻئي ٻار سبب نيوٽريشن جي ڪري فوت ٿين پيا، هن چيو ته گورک هل ڏسندا ته سوئيٽزرلينڊ به وسري ويندو، هن چيو ته جيل ۾ وڏي جاءِ آهي جيڪا شايد گهر ۾ به ناهي، اتي کاڌو به بهتر ملي ٿو، ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي صابر قائمخاني چيو ته هن حڪومت 4 بجيٽون پيش ڪيون پر سنڌ جي عوام کي ڪو به فائدو ناهي مليو، انگن اکرن تي اعتبار نه آهي ڇاڪاڻ ته عوام جي حالت نه سڌري آهي. ايم ڪيو ايم جي جمال احمد چيو ته ايم پي ايز کي فنڊ نه ٿا ڏيو ته خير پر ميئر کي ته اختيار ۽ فنڊ ڏيو، پ پ جي مهيش ملاڻي چيو ته ٿرپارڪر ۾ به اسڪيمون ڏنيون ويون آهن، صحت لاءِ گهڻا فنڊ ڏنا ويا آهن، هن چيو ته ٿر بجلي فراهم ڪندو، اهو ڪريڊٽ پ پ کي وڃي ٿو، هن چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ وري پ پ ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪاميابي ماڻيندي، پ پ جي ساجد جوکيو چيو ته اسان کي نظر انداز ڪيو ويو پر جيڪي اقتدار ۾ رهيا هاڻي گوڙ ڪن پيا، بحث جاري هيو ته اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي اڄ صبح 11 وڳين تائين ملتوي ڪري ڇڏي.113041