سنڌ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس: وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائم خلاف وڏي آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(م ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائم خلاف وڏي آپريشن جو فيصلو ڪندي پوليس ۽ رينجرز کي خاص آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ شريڪ ٿيا جڏهن ته سنڌ جي گهرو سيڪريٽري اجلاس ۾ شريڪ ٿيلن کي بريفنگ ڏني. سنڌ جي گهرو سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هاءِ پروفائل ڪيس بدين جي عدالت منتقل ڪيا ويندا ۽ ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف  کي اهم ڪيس بدين منتقل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته هاءِ پروفائل قيدين کي به منتقل ڪيو ويندو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سائبر ڪرائم ڏاڍو اهم مسئلو آهي. پوليس ۽ رينجرز سائبر ڪرائم بابت سفارشون ڏين، گهرو وزارت سان گڏجي پاليسي بڻائينداسين. چيف سيڪريٽري بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته مدرسن جي رجسٽريشن جو قانون غور لاءِ موڪليو آهي ۽ تجويزن کان پوءِ مدرسن جي رجسٽريشن وارو قانون اسيمبلي ۾ آندو ويندو. اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائم خلاف وڏي آپريشن جو فيصلو ڪندي پوليس ۽ رينجرز کي خاص آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پوليس ۽ رينجرز گڏجي اسٽريٽ ڪرائم خلاف آپريشن ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *