سنڌ ايپڪس ڪميٽي سيف سٽي پائليٽ پروجيڪٽ طور شروع ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائيم جي ڀوت کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ايپڪس ڪميٽي جو 23 هين اجلاس ۾ سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ايپڪس ڪميٽي جو 23 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي، چيف سيڪريٽري، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ڊي جي رينجرز، آءِ جي پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن جي صوبائي سربراهن سميت گهرو سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ 22 هين ايپڪس ڪميتي جي فيصلن تي عملدرآمد، تازي سڪيورتي تي بريفنگ ڏني وئي. نيشنل ايڪشن پلان تي نظرثاني، دهشتگرديءَ جي خاتمي جي ڪيسن جي جاچ ۽ پراسيڪيوشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو سيڪريٽري ڪبير قاضي بريفنگ دوران ٻڌايو ته اجلاس جي فيصلي جي روشني ۾ مدرسن جي رجسٽريشن ۽ بين سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن جي مانيٽرنگ لاءِ ورڪنگ گروپ قائم ٿي سگهي ٿو. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان جي امن امان جي صورتحال بهتر آهي پر 3 واقعا افسوس جوڳا آهن،  لانڍي ۾ ڌماڪو، چيني قونصليٽ تي حملو ۽ گلستان جوهر ميلاد جي محفل ۾ ڌماڪو افسوس جوڳو آهي اسان سڀني کي سڪيورٽي تي خاص ڏيان ڏيڻو آهي. اجلاس ۾ ڪراچي سيف سٽي پائليٽ پروجيڪٽ طور شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته سيف سٽي ۾ رڳو ڪئمرا نه پر ان ۾ ريسپورنس تمام گهڻو اهم آهي،  اها ڪيمرائون ايندڙ ويندڙ هنڌن تي نصب هوندا، رسپورنس ۾ پوليس، ٽريفڪ، فائر برگيڊ ۽ هر طرح جو رسپورنس هوندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي جن کي ختم ڪرڻو آهي، سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي ڪم ڪن، اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون ۾ سڌارا ڪيا پيا وڃن، سي آر پي سي جي سيڪشن 30 تحت اسپيشل مئجسٽريٽس اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا جنهن تحت 3 سال کان 7 سال تائين جي سزا هوندي.  اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته سائبر ڪرائيم جو سسٽم اسان جو پنهنجو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آرمي چيف کي درخواست ڪئي ويندي ته هو آرمي  جي سائبر سڪيورٽي ونگ سان سنڌ سرڪار کي مدد فراهم ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *