ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جو اهم اجلاس اڄ حيدر منزل ڪراچي تي پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ سينيئر نائب صدر سيد زين شاهه، نائب صدر ڊاڪٽر خليل جان سرهندي، نائب صدر ڊاڪٽر دودو مهيري، نائب صدر اعجاز سامٽيو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ادريس چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري روشن ڪلهوڙو، فنانس سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق شيخ، اطلاعات سيڪريٽري امير علي ٿيٻو شرڪت ڪئي، جڏهن ته سيد غلام شاهه ۽ پروفيسر انعام ڀٽي خصوصي طور شريڪ ٿيا. سنڌ جي بدقسمتي آهي ته جيڪا جماعت ڪڏهن سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري حڪومت وٺندي رهي آهي. اڄ اها وري سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي پنهنجي بدترين حڪمراني ڪرپٽ ڪامورن وزيرن ۽ مشيرن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان قانون سازي ڪرائي رهي آهي. اسين اهو واضح ٿا ڪريون ته سنڌ حڪومت نيب کي روڪڻ لاءِ جيڪو بل سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو آهي، اهو سنڌ جي صوبائي خودمختياري جي حصول جي نيت سان نه پر ڪرپشن ۾ ملوث سندن وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ ديده دليري سان سنڌ جي خزاني کي لٽڻ ڦرڻ لاءِ ڪري رهي آهي. سنڌ جي اندر اينٽي ڪرپشن جو کاتو اڳ ئي موجود آهي پر اها اوهان سڀني کي ڄاڻ آهي ته اهو ادارو ڪرپشن کي روڪڻ، ختم ڪرڻ ۽ بي ايماني ۾ گهٽتائي آڻڻ بجاءِ انهيءَ۾ واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سنڌ حڪومت جي هر کاتي ۾ هينئر ڪرپشن ڪري اينٽي ڪرپشن جو مخصوص حصو انهن تائين پهچايو وڃي ٿو. مٿان کان وٺي هيٺ تائين هر سرڪل تي ويٺل سندن مقرر ڪيل عملدار ڪرپشن ۾ حصيدار ٿئي ٿو. ياد رهي ته ساڳئي کاتي مان اهل ۽ ايماندار آفيسرن کي هٽائي من پسند ۽ بي ايمان آفيسرن کي مقرر ڪيو آهي. سنڌ اندر 2008ع کان وٺي پ پ سنڌ ۾ حڪمراني ڪندي اربها رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، جنهن ۾ شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عاصم، اويس مظفر ٽپي، خورشيد شاهه، انور مجيد، ضياءَ لنجار، پير مظهر، ستار ڏيرو، منظور ڪاڪا، محمد علي شيخ ۽ نثار مورائي سميت 156 اهڙا وزير، مشير، ڪامورا ۽ اسيمبلين جا نمائندا ڪرپشن ۾ نيب کي گهربل آهن ۽ مٿن ڪيس هلي رهيا آهن. هينئر پاناما ڪيس جي جـَي آءِ ٽي جي گرمي کي محسوس ڪندي سنڌ جي حڪمران جماعت انهن سڀني ماڻهن کي قانوني تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ اهڙو قانون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن سان وفاقي ادارن جو هٿ انهن تي سوڙهو ٿيڻ بجاءِ نڪري وڃي. اسين صوبائي خود مختياري جا حد کان وڌيڪ ۽ انهن پ پ جي حڪمران جماعت کان وڌيڪ حمايتي آهيون ۽ هميشه انهيءَ حق جي حصول لاءِ ميدان عمل ۾ پڻ رهيا آهيون پر هي بل ڪنهن به طرح صوبائي خودمختياري جي حصول جي نيت سان نه پر پنهنجي ڪرپشن نمائندن ۽ ڪامورن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي بدنيتي تي مشتمل آهي. تنهن ڪري اسين سنڌ حڪومت جي پيش ڪيل انهي بل کي رد ڪندي.