ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪُتي جو لفظ استعمال ڪرڻ تي گوڙ ٿي ويو، حڪومت ۽ اپوزيشن جا ميمبرز هڪٻئي تي گُٿا لفظ استعمال ڪرڻ جا الزام لڳائيندي تيز ٿي ويا. اسپيڪر آغا سراج دُراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪُتي جو لفظ استعمال ٿيڻ تي گوڙ ڪيو ويو. اسپيڪر جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ايوان ۾ جيڪو واقعو
پيش آيو، اُن تي افسوس ٿيو، ايوان ۾ احتجاج جون وڊيوز ٺاهي موڪليون ويون. ايوان ۾ احتجاج ڪرڻ جو هر ميمبر کي حق آهي، پر جيڪو ڪجهه گذريل ڏينهن ٿيو، اُهو ٻاهر ڪيو وڃي ته بهتر آهي. هي اسٽيڊيم يا ڪو جلسو نه آهي، مهرباني ڪري ايوان جي بيحرمتي نه ڪئي وڃي. اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دُراني چيو ته جيڪڏهن اهڙي قسم جون شيون بند نه ٿيون ته هو ميمبرز مٿان ايوان ۾ موبائيل کڻي اچڻ تي پابندي لڳائڻ لاءِ مجبور ٿي ويندو، رولز تحت وٽس گهڻا اختيار آهن، پر هو ڪنهن جي خلاف ڪارروائي نٿو ڪرڻ گهري. صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا چيو ته گذريل ڏينهن سندن خلاف اپوزيشن ميمبرز طرفان گُٿا لفظ استعمال ڪيا ويا، اهڙو عمل مذمت جوڳو آهي، ايوان ۾ بئنر هٿن ۾ کڻي حڪومتي ميمبرز کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو. اُن موقعي تي صوبائي وزير مُڪيش ڪمار ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي ارسلان تاج اٽڪي پيا، ٻئي ميمبرز هڪٻئي سان تيز ٿي ويا. ارسلان تاج چيو ته رڳو اپوزيشن نه، پر حڪومتي ميمبرز به گُٿا لفظ ڳالهايا هئا. جنهن تي مُڪيش ڪمار چيو ته آئون جيڪڏهن توهان کي ڪُتو سڏيان ۽ چوان ته ڀونڪندا رهو ٿا ته ڪيئن محسوس ٿيندو؟ حڪومتي ميمبرز جو مطالبو آهي ته اپوزيشن ليدر فردوس شميم نقوي معافي وٺي. اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز ۾ ڪُتي جو لفظ استعمال ٿيڻ تي گوڙ ٿيندو رهيو، اسپيڪر آغا سراج دُراني ايوان ۾ لاڳيتو گوڙ جاري رهڻ سبب اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. ايوان ۾ ميمبرز هڪٻئي خلاف ڇتي نعريبازي به ڪئي.