ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪياماڙي ضلعي جي قيام ۽ ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف اپوزيشن پاران احتجاج ڪيو. فنڪشنل ليگ، متحده پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز گوڙ ڪري اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪرڻ بعد نعريبازي ڪئي. متحده ايم پي اي خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام جي دور ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن مان 29 ڪرمنل پوليس آفيسرز کي گهرائي ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو، ڪراچي ۾ نوڪرين تي مقامي نوجوانن جو حق آهي، وڏي وزير آڏو مسئلو اُٿاريو پر اڃا تائين حل نه ٿيو آهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايوان ۾ نفرت واري ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي، پيپلز پارٽي زهريلي سياست کي رد ڪري ٿي، صوبي اندر سمورين شهرين کي حق حاصل آهي ته اُهي ڪهڙي به ضلعي ۾ رهي سگهن، نفرت جي بُنياد تي ماڻهن کي ورهائڻ بند ڪيو وڃي.