سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ سڀ کان وڌيڪ مخصوص سيٽون کٽي ورتيون

ڪراچي (م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ مخصوص سيٽون حاصل ڪري ٻين جماعتن کان اڳتي آهي. پ پ وٽ عورتن جون 17 ۽ 5 اقليتي سيٽون هونديون. مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ پ پ جي عورتن ۾ شهلا رضا، شاهينا شير علي، ريحانا لغاري، حنا دستگير، سعديا جاويد، ندا کهڙو، شازيا عمر، غزالا سيال، شميم ممتاز، فرحت سيمي، تنزيلا حبيبا، ڊاڪٽر شجيلا لغاري، شهباز انصاري، سيدا ماروي، هير سوهو، ڪلثوم چانڊيو ۽ پروين بشير شامل آهن، جڏهن ته اقليتي سيٽن تي پ پ جو راڻا حمير سنگهه، مڪيش ڪمار، لال چند، انٿوني نويد ۽ سرندر ولاسائي چونڊيا ويا آهن. ٻئي نمبر تي تحريڪ انصاف آهي، جنهن کي امڪاني طور 5 عورتن جون ۽ 2 اقليتي سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. پي ٽي آءِ طرفان سدرا عمران، ڊاڪٽر سيما ضيا، رابعا بيگم، طاهرا خان ۽ اريبا ناز کي عورتن جي مخصوص سيٽ ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اقليتي سيٽن جي اميدوارن ۾ سنجي گوڪلاڻي ۽ ديوان سچانند شامل آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان کي 3 عورتن جون ۽ هڪ اقليتي سيٽ ملڻ جو امڪان آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مخصوص سيٽن تي منگلا شرما، شاهانا اشعر ۽ رعنا انصار، جڏهن ته اقيلتي سيٽ تي سنجي پرواني ڪامياب ٿيو آهي. هوڏانهن گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس وٽ عورتن جون ٻه ۽ هڪ اقليتي سيٽ آهي. جي ڊي اي جي مخصوص سيٽن تي نصرت سحر ۽ نسيم راڄپر اسيمبلي ۾ نمائندگي ڪنديون، جڏهن ته اقليتي سيٽ تي نند ڪمار گوڪلاڻي ڪامياب ٿيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *