ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سومر تي ٻهراڙي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي چوري جي معاملي تي پ پ پ جو صوبائي اسيمبلي ميمبر مير نادر مگسي ڪاوڙجي پيو ۽ هن پنهنجي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي سندس چوڻ هو ته اسانجن تڪن ۾ پاڻي جي چوري تي پ پ پ کي بدنام ڪيو پيو وڃي وڏي وزير کي گهرجي ته هو پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي ماڻهو پاڻي جي کوت سبب رستن تي نڪتل آهن سومر تي ايوان جي ڪارروائي دوران پنهنجي هڪ پوائنٽ آف آرڊر تي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته جتان بينظير ڀٽو کي چونديو ويو هو اتي پاڻي جو بحران آهي هن چيو ته مان اوهان جي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جو آهيان دريائن ۾ پاڻي موجود آهي پر پاڻي جي ورڇ جو وڏو مسئلو آهي هن چيو ته پ پ پ جي وڏيرن جا واٽر ڪورسز آهن اسان جا پنهنجا ماڻهو پاڻي جي ورڇ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي هن چيو ته اسان سان زيادتي ٿي رهي آهي جيڪڏهن پاڻي جي ورڇ ۽ کوٽ جو مسئلو حل نه ٿيو ته اسان تڪ ۾ نه وڃي سگهنداسين نادر مگسي جي ان تقرير تي مخالف ڌر ميمبرن بينچون وڄائي ان جي ساراهه ڪئي جڏهن ته نادر مگسي جي تقرير تي پ پ پ جا ميمبر سخت حيران ۽ پريشان نظر آيا.