سنڌ اسيمبلي ۾ صوبي جي ورهاڱي ۽ متحده جي بل خلاف ٺهراءُ منظور: پي ٽي آءِ ۽ متحده ميمبرز جو ٺهراءُ جي مخالفت ۾ ووٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ صوبن جي حدن ۾ ڦيرڦار ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٺهراءُ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ دشمني جو ثبوت ڏيندي ٺهراءُ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو متحده طرفان صوبن جي حدن ۾ ڦيرڦار جا اختيار صوبائي اسيمبليز کان کسڻ واري بل خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. جنهن دوران اپوزيشن ميمبرز طرفان حڪومتي ميمبرز جي رويي خلاف احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ويو. اپوزيشن ميمبرز اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دوراني چيو ته ڇا توهان سنڌ جي خلاف آهيو؟ اسان مري وينداسين پر سنڌ جو ورهاڱو برداشت نه ڪنداسين. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته متحده جو بِل رڳو نه پر سمورن صوبن خلاف سازش آهي، جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان بل پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور ردعمل ڏيکارينداسين، سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير نه آهي. متحده جو بِل ملڪ ۽ وفاق خلاف سازش آهي، اهڙي ترميمي بل کي ڪچري جي دٻي ۾ وجهڻ گهرجي، اسان هن ترميم خلاف هر حد تائين وينداسين. اجلاس ۾ ايم پي اي نصرت سحر عباسي به جي ڊي اي طرفان ٺهراءُ پيش ڪيو، سندس چوڻ هو ته سندن جماعت ڪڏهن به سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٺهراءُ جي مخالفت نه ڪئي آهي، پير پاڳاري واضح لفظن ۾ آرٽيڪل 149 جي مخالفت ڪئي، سندن پارٽي ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ ٻٽي نظام خلاف به جدوجهد ڪئي هئي. جيستائين جي ڊي اي جو هڪ ميمبر به زنده آهي، سنڌ کي ڪوبه ورهائي نه سگهندو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي ميمبرز سنڌ جي ورهاڱي ۽ متحده جي بل خلاف ٺهراءُ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته متحده ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز ٺهراءُ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي متحده جي بِل جي حمايت ڪئي. اُن کانسواءِ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبرز واڪ آئوٽ ڪري ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *