سنڌ اسيمبلي ۾ ايندڙ 9 مهينن لاءِ بجيٽ تجويزون پيش، ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هلندڙ مالي سال جي ايندڙ 9 مهينن لاءِ 11 کرب 23 ارب 90 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جون بجيٽ تجويزون پيش ڪري ڇڏيون، جنهن ۾ نين ترقياتي اسڪيمن جي بجيٽ ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ بجيٽ تجويزون پيش ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان وٽ مينڊيٽ هو ته سڄي مالي سال جي بجيٽ پيش ڪيون پر حڪومت 3 مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي هئي. هن چيو ته اسان وٽ حڪومت 9 مهينن جي بجيٽ پيش ڪري رهي آهي ۽ اسان وٽ ان جو مينڊيٽ آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران مراد علي شاهه ٻڌايو ته هلندر مالي سان 19-2018 ۾ خرچ ٿيل ڪل رقم 11 کرب 44 ارب 50 ڪروڙ رپيا آهي. هن ٻڌايو ته گذريل چونڊيل صوبائي حڪومت کي هلندڙ مالي سالي جي پٺين 6 مهينن لاءِ 6 کرب 92 ارب 60 ڪروڙ رپين جي فنڊن جو اختيار حصال هو جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي لاءِ ڪل آمدني جا خرچ 7 کرب 73 ارب رپين کان وڌيڪ آهن، جنهن مان 1 کرب 93 ارب 30 ڪروڙ رپين جو هن وقت اختيار حاصل آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ٻڌايو ته مالياتي خرچ 27 ارب 30 ڪروڙ رپين جي مد مان 6 ارب 90 ڪروڙ رپيا جا پهرين ئي اختيار ڏئي چڪا آهيون جڏهن ته ترقياتي مد ۾ 63 ارب جا اختيار ڏئي چڪا آهيون. هن ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ ترقياتي مصارف لاءِ ڪل بجيٽ 3 کرب 43 اربن کان وڌيڪ آهي، جنهن مان 2 کرب 52 ارب صوبائي سالياني ترقياتي اسڪيمن جو ڪاٿو ۽ 30 ارب رپيا ضلعي اسڪيمن جي لاءِ آهن. هن ٻڌايو ته 15 ارب رپين کان وڌيڪ پيسا وفاقي حڪومت طرفان پي ايس ڊي پي اسڪمين جي لاءِ آهن، جنهن تي سنڌ حڪومت عملدرآمد ڪري رهي آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته نين اسڪيمن جي لاءِ 50 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، پر ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان وٽ صوبائي ترقياتي کاتن کي 24 ارب رپين جي ڪٽوتي کي منهن ڏيڻو پيو پوي. بجيٽ تقرير دوران سندس چوڻ هو ته صوباي اي ڊي پي سال 19-2018 جو ڪاٿو 2 کرب 28 ارب رپيا آهي، جنهن مان 5 ارب رپيا ضلعي اي ڊي پي کي ڏنا ويندا. مراد علي شاهه چيو ته21 ارب رپيا نين اي ڊِ پي اسڪمين تي خرچ ڪيا ويندا ۽ اسان اي ڊي پي ۾ گهٽتائي جو اڻ وڻندڙ فيصلو ان ڪري ڪيو ڇو ته اسان کي وفاقي منتقلين جي ڪري رنڪڊن کي منهن ڏيڻو پيو پوي. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته صوبائي حڪومت جو وڏو دارومدار وفاقي حڪومت طرفان روينيو وصولين تي آهي جڏهن ته 75 سيڪڙو گڏيل وفاقي وصوليون ۽ صوبائي ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس وصولين تي ٻڌل آهي. هن ٻڌايو ته گذريل مالي سال ۾ وفاقي منتقلين جي بجيٽ وصولين جو ڪاٿو 6 کرب 27 ارب رپين کان وڌيڪ هو، جنهن نظرثاني بعد 5 کرب 98 ارب 80 ڪروڙ رپيا ڪيو جڏهن ته حقيقيت ۾ اسان 5 ارب 49 ارب کان وڌيڪ وصول ڪيا، اهڙي ريت 77 ارب 40 ڪروڙ رپين جي گهٽتائي منهن ڏئي رهيا آهيون. بجيٽ تجويزن ۾ سندس چوڻ هو ته نين اسڪيمن جي مد ۾ 50 ارب کي گهٽ ڪري 26 ارب ڪرڻو پيو، سالياني ترقياتي اسڪيم 19-2018 ۾ شروعاتي طور تي مارچ ۽ اپريل 2018 ۾ تيار ڪئي وئي هئي. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌيو ته 21 ارب رپيا صوبائي اي ڊي پي ۽ واڌو 5 رپيا ضلعي اي ڊي پي اسڪمين خاص ڪري تعليم، صحت پاڻي ۽ نيڪالي جي شعبن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. اجلاس دوران هن ٻڌايو ته حڪومت سنڌ جاري ترقياتي اسڪمين کي مڪمل ڪرڻ تي زور ڏئي رهي آهي ۽ ان جي لاءِ مناسب فنڊ مختص ڪيا آهن، اميد آهي ته اي ڊي پي جون 958 اسڪيمون جون 2019 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اسان جي بندوبستن ان عزم جو اظهار ڪيو اسان عام ماڻهو جي زندگين ۾ سٺيون تبديليون آڻڻ جا خواهشمند آهيون. بجيٽ اجلاس دوران اين ايف سي ايوارڊ تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته نائين اين افي سي ايوارڊ جو گهڻي عرصي کان انتظار ڪري رهيا آهيون ۽ ان جي ڪري صوبن خاص ڪري سنڌ کي وڏي معاشي خساري کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي رهتن جي وصولي گهڻي آهي، وفاقي حڪومت کي اپيل ٿا ڪيون ته اين ايف سي ايوارڊ جي لاءِ اعلان لاءِ جلد بندوبست ڪري. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته 18هين ترميم بعد ٽيڪس جمع ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ واضح بهتري آئي آهي، جنهن سان سنڌ حڪومت جي هڪ شاندار ڪامياب سنڌ روينيو بورڊ ( ايس آر بي) جو قيام آهي.  مراد علي شاهه ٻڌايو ته مالي سال 18-2017 ۾ سنڌ حڪومت خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي مد ۾ هڪ کرب رپيا وڌيڪ وصول ڪيا، اميد آهي ته ان انگ اکرن ۾ واڌ ٿيندي رهندي، جنهن سبب سنڌ حڪومت جي ترقياتي ۽ سماجي شعبن کي تقويت ملندي. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته هلندڙ  مالي سال ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي لاءِ 2 کرب 2 ارب رپيا مخص ڪيا آهن جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ ان جي لاءِ هڪ کرب 51 رپيا مختص ڪيا هئا. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڪفايت شعاري جي لاءِ بندوبست ڪندي ۽ سرڪاري اسپتالن ۽ پوليس جي لاءِ ايمبولينسون خريد ڪندي بجيٽ تجويز پيش ڪندي سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته صاف پاڻي، تعليم، صحت ۽ صفائي جا صفائي جا منصوبا بڻائينداسين جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ 958 اسيڪيمون ترقياتي منصوبن جي مد ۾ مڪمل ٿينديون

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *