سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ گرماگرمي، هنگامو، احتجاج، ڪاپيون ڦاڙيون ويون

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ اڄ به مخالف ڌر احتجاج ڪيو. مخالف ڌر ميمبرن ۽ اسيمبلي جي اسپيڪر ۾ ڇڪتاڻ به ٿي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. مخالف ڌر اسپيڪر کي بزنس معطل ڪري ٺهراءُ آڻڻ جو مطالبو ڪيو پر اسيمبلي جي اسپيڪر سوالن وارو وقفو شروع ڪرڻ تي اصرار ڪيو. جنهن تي مخالف ڌر ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا ۽ احتجاج ڪيو. آغا سراج دراني چيو ته آئون رولز جي موجب سوالن واري وقفي بعد ٺهراءُ آڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندس. جنهن تي مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته توهان جي نيت ئي خراب آهي. مخالف ڌر جي احتجاج ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي تنقيد بعد پيپلز پارٽي جا ميمبر به پنهنجين سيٽن تي بيهي رهيا ۽ چيو ته مخالف ڌر ايوان هلائڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر حليم عادل شيخ سان مڪالمو ڪيو ته توهان مون وٽ اڪيلائي ۾ اچو آئون توهان کي توهان جي باري ۾ ٻڌائيندس. ايم ڪيو ايم اسيمبلي ميمبر خواجا اظهار الحسن چيو ته منهنجي تحريڪ انصاف جي پارليماني اڳواڻ کان گذارش آهي ته وچولو رستو ڪڍي. خرم شيرم زمان جي وچ ۾ ڳالهائڻ تي آغا سراج دراني ۽ خرم شير زمان جي وچ ۾ لفظي جنگ شروع ٿي وئي. آغا سراج درانيءَ ويٺي ويٺي ڪمنٽس پاس ڪرڻ کان منع ڪيو ۽ چيو ته بيهي ڳالهايو. تحريڪ انصاف جو اسيمبلي ۾ رويو درست ناهي. مخالف ڌر ميمبرن هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ انصاف ڏيو انصاف ڏيو جا نعرا هنيا. جنهن تي اسيمبلي انتظامي  ايوان جو مائيڪ سسٽم بند ڪري ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *