سنڌ اسيمبلي: سوالن جو وقفو ملتوي ٿيڻ تي مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جو وقفو موخر ڪندي اسپيڪر اجلاس ختم ڪرڻ جو اشارو ڏنو ته ايم ڪيو ايم ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، سنڌ اسيمبلي جي جمعي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي سينئر وزير نثار کهڙي سوالن جي وقفي ۽ ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ايندڙ اجلاس تائين موخر ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي ايم ڪيو ايم ميمبرن اعتراض ڪندي ايوان کان واڪ آئوٽ ڪيو، ايوان اڪثريت راءِ سان سوالن جو وقفو ۽ ڌيان ڇڪايو نوٽيس موخر ڪري ڇڏيو، بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي عامر معين پيرزاده چيو ته اهڙي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ بيڪار آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان ايوان کي پيپلز پارٽي جي ٻه نمبر اسيمبلي قرار ڏنو، ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر شاهه جو چوڻ هو ته اسيمبلي کي ٻه نمبر چوڻ تي پي ٽي آءِ کي معافي وٺڻ گهرجي، اپوزيشن جتي به اجلاس گهرائي اسان کي فرق نٿو پوي، مختصر ڪارروائي بعد اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني سومر ڏهاڙي 2 وڳي تائين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *