سنڌ اسيمبلي جي ننڍي چونڊ جا نتيجا اچڻ شروع، ملير ۾ جهيڙا، گرفتاريون ۽ زخمي ٿيڻ جا اطلاع

ڪراچي(م ڊ)سنڌ اسيمبلي جي ٻن تڪن تي ننڍي چونڊ جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا،،ملير ۾ جهيڙا، ڇڪتاڻ، هوائي فائرنگ،سنڌ ۽ بلوچستان جي ٽن تڪن ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو.سنڌ اسيمبلي جي ٻن سيٽن پي ايس 43 سانگهڙ ۽ پي ايس 88 ملير، جڏهن ته بلوچستان جي ضلعي پشين جي سيٽ پي بي 20 تي ضمني چونڊ ٿي.پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهيو پر پولنگ جو عمل ختم ٿيڻ کانپوءِ پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ موجود ماڻهو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهن دا.پولنگ کانپوءِ ضمني چونڊ ۾ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي.غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پي ايس 88 ملير ۾  ايم ڪيو ايم جو اميدوار اڳتي،پولنگ اسٽيشن 60 يار محمد ڳوٺ جي پولنگ اسٽيشن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جو اميدوار پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي اميدوارن کان اڳتي،هڪ پولنگ جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي 40 ووٽ مليا، پيپلز پارٽي جي اميدوار کي 10 ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار کي 2 ووٽ مليا،سانگهر جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ جي 23 پولنگ اسٽيشن تي پيپلز پارٽي جو ڄام شبير 8 هزار 602 ووٽ کڻي اڳتي، تحريڪ انصاف جو اميدوار 640 ووٽ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *