سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران هڪ ڀيرو ٻيهر گهوڙ، احتجاج ۽ سخت جمن جي ڏي وٺ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران جمعي تي هڪ ڀيرو ٻيهر گهوڙ، احتجاج ۽ سخت جمن جي ڏي وٺ جذباتي تقرير ۽ بائيڪاٽ جو عمل جاري رهيو جڏهن ته سينيئر وزير نثاراحمد کهڙي ڊپٽي اسپيڪر کي تجويز ڏني ته هو اپوزيشن ميمبرن کي پنهنجي چيمبر ۾ گهرائي انهن کي قانوني طريقو سمجهائي هن چيو ته جمهوريت جو حسن اهو ئي آهي ته قانونسازي ۾ اپوزيشن موجود هجي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس تقريبن هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو اجلاس جي شروع ٿيڻ وقت ايوان ۾ صرف 19 ميمبر موجود هئا جن مان ٽن جو تعلق اپوزيشن ۽ 16 جو حڪومت سان هو تلاوت ڪلام پاڪ نعت رسول مقبول صلعم ۽ فاتحه خواني کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي محمد حسين ۽ سيف الدين خالد ڪجهه نقطن جي اعتراض تي وقت گهريو پر ڊپٽي اسپيڪر انهن کي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ايجنڊا مڪمل ٿيڻ تي اجازت ضرور ڏني ويندي. ان دوران سوالن جي وقفي دوران هو سڏيندي رهي ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر سيد سردار احمد کان مداخلت جي درخواست به ڪئي سيد سردار احمد سيف الدين خالد کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران ڪامران اختر سيد سردار احمد کي اهو چئي ويهڻ جو اشارو ڪيو ته ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڏيئي رهي آهي سوالن جي وقفي کان پوءِڌيان طلب نوٽيس تي هڪ ڀيرو ٻيهر سيف الدين خالد نقطه اعتراض لاءِ وقت گهريو پر ڊپٽي اسپيڪر ان کي اجازت نه ڏني ۽ سخت لهجي ۾ ان کي ويهڻ لاءِ چيو جنهن تي هن احتجاجن علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. ڌيان طلب نوٽيس دوران به سيف الدين خالد انتهائي جذباتي انداز ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته مان اورنگي ٽائون ۾ ٿيندڙ احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان جي حوالي سان حقيقت بيان ڪرڻ چاهيان ٿو هتي صوبائي وزير پوليس رپورٽ پيش ڪئي آهي ان تي ڊپٽي اسپيڪر هڪ ڀيرو ٻيهر ان جي مائڪ بند ڪري ڇڏي ۽ چيو ته مان دٻاءُ تي ڪم نه ڪندس. ۽ توهان مون کي مسلسل تڪليف ڏيئي رهيا آهيون ان تي جذباتي ٿي سيف الدين خالد چيو ته مون کي اهڙي اسيمبلي ۾ رهڻ جو ڪوبه شوق نه آهي ۽ فائدو به نه آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته توهان هائوس مان ٻاهر وڃي سگهو ٿا ۽ جيڪڏهن توهان پنهنجو رويو اهڙي طرح جاري رکيو ته مان پنهنجو آخري پاور استعمال ڪري سگهان ٿي ان موقعي تي سيف الدين خالد انتهائي جذباتي ٿي ويو ۽ ان جي آواز ۾ جذباتيت چٽي نظر اچي رهي هئي. ڌيان طلب نوٽيس جي آخر ۾ ايم ڪيو ايم جي محمد حسين هڪ ڀيرو ٻيهر بيهر رهيو ۽ ڪجهه نقطن جي اعتراض تي ڳالهه ڪرڻ جي اجازت گهري اجازت نه ملڻ تي هن سخت احتجاج ڪيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جانبدارانه ڪارروائي هلائي رهيا آهيو ۽ اسان ان جانبدارانه رويي خلاف اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهيون جنهن کان پوءِ اپوزيشن ميمبرن ايوان مان اٿي هليا ويا جنهن کان پوءِ لائيو اسٽاڪ بابت بل جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي ويئي ۽ بل منظور ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *