سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوارن ڪيترائي وزير غير حاضر، عبدالباري پتافي ايم پي اي جو حلف کنيو

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوارن اڪثر وزير ايوان ۾ غير حاضر رهيا، جنهن تي فنشنل ليگ ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته وزير نٿا اچي سگهن ته اجلاس ئي ختم ڪيو وڃي، معاملو ئي ختم ٿي ويندو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي تڪ پي ايس 7 تي پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل عبدالباري پتافي ايم پي اي جو حلف کنيو ويو. اجلاس دوران ڳالهائيندي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته ماضي ۾ مونکي کنڀيو ويو ۽ سندس وفاداريون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪي اڄ به جاري آهن. هن چيو ته جي ڊي اي هڪ به سيٽ کٽي ڏيکاري ته هو پنهنجو نالو تبديل ڪري ڇڏيندو، اسان جي پارٽي جي ڪجهه ماڻهن جي ڊي اي جي حمايت ڪئي پوءِ به سيٽ نه کٽي سگهيا. سوالن جوابن دوران منصوبابندي وزير سعيد غني آگاهي ڏني ته عالمي ادارن کان قرض وٺي 22 منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن، جنهن تي پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو ته اربين رپيا قرض وٺڻ باوجود سنڌ ۾ 70 سيڪڙو ماڻهن کي هاڃيڪار پاڻي ملي رهيو آهي، ڇا صوبي ۾ احتساب جو ڪو نظام آهي؟ سنڌ ۾ دوائن جي خريداري ۾ گهوٻين تي خرم شير زمان التوا واري رٿ جمع ڪرائيندي چيو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ دوائن جي خريداري ۾ ڏيڍ ارب رپيا ڪرپشن ظاهر ڪئي وئي ۽ جعلي مدي خارج دوائون عوام کي ڏنيون ويون، معاملي تي بحث ڪرايو وڃي. سوالن جا جواب نه ڏيڻ لاءِ اڪثر وزير ايوان مان غائب رهيا، جنهن تي ڳالهائيندي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته وزير نٿا اچي سگهن ته اجلاس ئي ختم ڪري ڇڏيو، روزانو وزير ايوان مان غير حاضر رهن ٿا، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *