سنڌ اسيمبلي جو مدو ختم, اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چاليهه سربراهن گاڏيون واپس نه ڪيون

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي جو آئيني مدو ختم ٿيڻ باوجود اسٽيڊنگ ڪميٽيز جي 40 چيئرمينن سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيون آهن.سرڪاري گاڏيون اڱاري جي صبح جو 9 وڳي جمع ڪرائڻيون هيون، اسيمبلي عملو انتظار ڪندو رهيو پر چيئرمين نه پهتا. چيئرمين ۽ اسيمبلي ميمبر نه هئڻ باوجود غلام شاهه، نواب تيمور ٽالپر، ڪلثوم چانڊيو سنڌ اسيمبلي جي گاڏين ۾ گهمندا رهيا. رخسانا شاهه، معين پيرزادو ۽ خواجا اظهار الحسن به سرڪاري گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن.مهيش ڪمار ملاڻي، اعجاز شاهه بخاري، سهراب سرڪي، اويس قادر شاهه، ساجد جوکيو، ثمينا خالد، سيد سردار احمد ۽ نصرت سحر عباسي به گاڏي واپس نه ڪئي، جڏهن ته ڪامران اختر، نثار کهڙو ۽ ٻيا به اڃا تائين سنڌ اسيمبلي جون گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *