ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ محتسبِ اعليٰ جي مقرريءَ جا اختيار گورنر کان وٺي وڏي وزير حوالي ڪرڻ وارو ترميمي بِل منظور ٿي ويو. اجلاس ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز وچ ۾ منهن ماري به ٿي. اسپيڪر آغا سراج دُراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڊزائين، آثار قديمه ڄامشورو ترميمي بل 2020ع ۽ محتسبِ اعليٰ جي مقرري وارو بل پيش ڪيو ويو. اسيمبلي ۾ محتسبِ اعليٰ جي مقرريءَ جا اختيار وڏي وزير کي ڏيڻ جي حوالي سان ترميمي بِل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. اُن موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪي پي ۽ پنجاب جيان سنڌ ۾ به محتسبِ اعليٰ جا اختيار گورنر کان واپس وٺي وڏي وزير کي ڏيڻ چاهيون ٿا.