ڪراچي: (بيورو) : سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي هڪ ميمبر پاران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي طنز کانپوءِ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو.اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اڄ گرماگرمي جاري رهي ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبر سعيد آفريدي پري بجيٽ بحث دوران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي طنز طور ”بلاول ڪهتي “ چيو هو.سعيد آفريدي جي جملي کانپوءِ ايوان ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ تڪرار ٿي، جيڪا مسلسل جاري رهي. سعيد آفريدي اهو به چيو ته اسيمبلي ۾ عورتن سميت سڀني ميمبرن کي تلاشي کانپوءِ ڇڏيو وڃي.ان تي حڪومتي بينچن تي ويٺل عورت ميمبرن احتجاج ڪيو، جنهن تي اسپيڪر سعيد آفريدي کي تنبيهه ڪندي چيو ته توهان بجيٽ تي ڳالهايو، عورتن تي نه ڳالهايو.