سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، امداد پتافي جون رڙيون، مخالف ڌر پاران شيم شيم جا نعرا

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبر امداد پتافي سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون، امداد پتافي کي خطاب ۾ ڏکائين سان منهن ڏيڻو پيو ته رڙيون ڪري تقرير ڪندي سمورا ادب وساري ويٺو، وزيراعظم خلاف نازيبا زبان جو استعمال ڪري ويٺو، ايوان ۾ سرعام اهڙن لفظن جي استعمال تي اپوزيشن جي بينچز کان شيم شيم جا نعرا لڳي ويا، امداد پتافي ڪجهه عرصو پهريان اپوزيشن اڳواڻ نصرت سحر عباسي بابت به تڪراري ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، بعد ۾ نصرت سحر عباسي پاران خودڪشي جي ڌمڪي تي امداد پتافي کي اسيمبلي ۾ ان جي مٿي تي چادر پارائي معافي گهرڻي پئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *