ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي سومر تي اپوزيشن جي گوڙ دوران سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2017 اڪثريت سان منظور ڪري ڇڏيو جنهن تحت سنڌ جي يونين ڪائونسلرز يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد نٿي آڻي سگهجي ڄام خان شورو چيو ته يونين ڪميٽيون ۽ يونين ڪائونسلن جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين عوام مان سڌوسنئون چونڊجي اچن ٿا يونين ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسل جا ميمبر انهن کي نٿا چونڊين ان لاءِ انهن جي خلاف تحريڪ التوا نٿي آڻي سگهجي.