ڪراچي(م ڊ ) مخالف ڌر طرفان سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ۽ ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي ميمبرن جي صحيحن سان ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته مخالف ڌر ٺهراءَ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري ۾ جمع ڪرايو آهي، ٻيهر ڪالاباغ ڊيم تي ٻيهر ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي، ڀاشا ڊيم تي ڪم ٿيڻ گهرجي، قوم ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪي آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪنورنويد جميل چيو ته ڪو ڊيم ٺاهيو وڃي ته سڀني جو راضپو ضروري آهي، ڪالاباغ ڊيم هن وقت قوم جي مفاد ۾ ناهي. هن چيو ته ننڍا وڏا ٻيا ڊيم ٺهڻ گهرجن، پاڻي جا ذخيرا موجود آهن، جيڪڏهن پاڻي جا ذخيرا نه بڻايا ويا ته سوڪهڙي جو امڪان آهي. حسنين مرزا چيو ته ڪالاباغ ڊيم تي سنڌ جي عوام کي خدشا آهن، اهو معاملو قوم مفاد خلاف آهي.