ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ۾ منهن ماري سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ۾ سخت چڪريءَ کانپوءِ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. نصرت سحر عباسي سوالن جو جواب نه ملڻ تي اجلاس جو علامتي واڪ آئوٽ ڪيو ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي سيما ضياءَ ۽ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي صابر قائمخاني سان به منهن ماري ٿي جنهن کانپوءِ مخالف ڌر جي ميمبرن اجلاس جو علامتي واڪ آئوٽ ڪري اسپيڪر جي ڊائس سامهون احتجاج ڪيو. ڊپٽي ا/پيڪر ڪاوڙ ۾ اچي چيو ته توهان ويهي رهيا آهيون يا توهان کي ويهاريان پر مخالف ڌر جي ميمبرن احتجاج جاري رکيو. ٻئي طرف سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بي اعتمادي جي رٿ سنڌ اسيمبليءَ جي اڱاري واري اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي، چئني پارٽين مان هڪ جو پارلياماني اڳواڻ ٺهراءُ جمع ڪرائيندو.