سنڌ اسيمبليءَ ۾ جهيڙو، ميمبر هٿين پئجي ويا،ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

ڪراچي (م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي خلاف مهملي واري رٿ پيش ڪرڻ تي متحدا مجلس عمل جي ميمبر سيد عبدالرشيد تي مخالف ڌر جي ميمبرن حملو ڪري ڏنو. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۾ ڏار پئجي ويا. ايم ايم اي جي سيد عبدالرشيد طرفان مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي خلاف مهملي واري رٿ پيش ڪئي وئي، جنهن جي پيپلز پارٽي به حمايت ڪئي، مهملي واري رٿ جي متن ۾ چيو ويو ته فردوس شميم نقوي جو بيان توهين جوڳو آهي. فردوس شميم نقوي جي ريمارڪس تي سيد عبدالرشيد جي احتجاج کانپوءِ پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جا ميمبر ڀڙڪي پيا ۽ ڪجهه ميمبرن اڳتي وڌي سيد عبدالرشيد تي حملو ڪيو، ايم ايم اي ميمبر کي چماٽون هنيون ويون. ان موقعي تي پ پ ميمبرن سيد عبدالرشيد کي پنهنجي حفاظت ۾ ورتو. حڪومتي ۽ مخالف ڌر جماعتن هڪ ٻئي جي اڳواڻن خلاف زبردست نعريبازي ڪئي، اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر ڊيسڪ اڳيان بيهي احتجاج ڪيو ۽ ڪجهه ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ان حوالي سان مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته اپوزيشن ميمبرن غنڊا گردي ڪئي آهي ۽ بدتميزي تي ٻڌل نعرا هنيا ويا، جن ميمبرن مارڪٽ ڪئي، انهن تي ايوان ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي. ٻئي پاسي سيد عبدالرشيد حملو ڪندڙ ميمبرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ارسلان تاج اظهر سميت ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس، مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، چيو ويو ته ايوان کان ٻاهر نڪر ته توکي ڏسنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *