سنڌ اسيمبلي؍ءَ جو اجلاس: بيوٽي پارلر جي گونج، اسپيڪر ۽ نثار کهڙي ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بيوٽي پارلر اسپيڪر ۽ صوبائي وزير نثار کهڙو وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ سان ٿي گذريو. آغا سراج دراني نثار کهڙي کي مخاطب ٿيندي چيو ته  اوهان سٺي اداڪاري ڪئي آهي، نثار کهڙي اسپيڪر کي جواب  ڏيندي چيو ته اوهان وٽان ئي ادڪاري سکي آهي. سنڌ اسيمبلي اجلاس سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو ۽ ان وقت دلچسپ ماحول ڏسڻ ۾ آيو جڏهن اسپيڪر چيو ته اسيمبلي جي ميمبرز جي رهائشي هاسٽل جي تعمير تي بريفنگ رکي وئي آهي. اسپيڪر ميمبرن کي ٻڌايو ته هاسٽل ۾ سڀئي سهولتون موجود هونديون جنهن ۾ فنڪشنل جي ايم پي اي نند ڪمار جي فرمائش تي بيوٽي پارلر به شامل آهي جتي نند ڪمار پنهنجا وار ڪارا ڪندو. اجلاس ۾ نثار کهڙي چيو ته جيم خانو به تعمير ڪيو وڃي جنهن تي آغا سراج دراني دراني نثار کهڙي کي مخاطب ٿيندي چيو ته  اوهان سٺي اداڪاري ڪئي آهي، نثار کهڙي اسپيڪر کي جواب  ڏيندي چيو ته اوهان وٽان ئي ادڪاري سکي آهي. فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نند ڪمار  قرارداد جمع ڪرائيندي چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ٽراما سينٽر تعمير ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته ڪٿي جيڪڏهن ڪو حادثو ٿئي ٿو ته ان کي اتي طبي امدادي نه پئي ملي. صحت واري صوبائي وزير سڪندر مينڌري چيو ته هر ضلع ۾  ٽراما سينٽر موجود آهي. ايم ڪيو ايم جي ظفر ڪمالي چيو ته ميرپورخاص اسپتال ۾ ڪابه صهولت نه آهي 8 سال پهرين ٽراما سينٽر جي درخواست ڏني پر اڃا تائين تعمير ناهي ٿي سگهيو، هن چيو ته شهيد راڻي ٻينظير ڀٽو جي نالي سان منصوب پل ٺهرايو ويو پر اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ديوان چند چاولا چيو ته اسيمبلي ميمبرن جو پگهارون گهٽ آهن جيڪي وڌايون وڃن جنهن تي صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته ٻيا صوبا اڳ ۾ئي پگار وڌائي چڪا آهن ۽ هنن پگهارن وڌائڻ جي ترميم لاءِ ڪاميٽي ٺاهي آهي. اسيمبلي ايوان ڪاميٽي جي منظوري پڻ ڏني، ڪاميٽي ٻئي سيشن ۾ اسيمبلي ۾ رپورٽ پيش ڪندي. اجلاس سڀاڻي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *