سنڌ اسيمبلي، ڄام مدد جي حلف کڻڻ تي ايوان جو گوڙ، اپوزيشن ميمبرن جا شيم شيم جا نعرا

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي ۾ اڱاري تي پرائيويٽ ميمبر ڊي جي موقعي تي ننڍي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پ پ پ جي نئين چونڊيل ميمبر ڄام مددعلي پاران رڪنيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ پ پ پ جي ميمبرن ان کي مبارڪباد ڏيڻ جي موقعي تي جيڪا جذباتي تقرير ڪئي ان سان ايوان جو ماحول تمام ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو مسلم ليگ فنڪشنل جي نصرت سحر عباسي ۽ سعيد خان نظاماڻي سرڪاري ميمبرن جي جذباتي تقريرن وقت گوڙ ڪندا رهيا ۽ شيم شيم جا نعرا لڳائيندا رهيا پر پ پ پ جي ميمبرن جي اڳيان انهن جو آواز ڌٻجي ويو ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي نندڪمار پنهنجي پارٽي جو دفاع ڪرڻ بدران ايوان مان اٿي ٻاهر هليو ويو سرڪاري ميمبرن پنهنجي تقرير ۾ سنڌ جي روحاني شخصيت ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير سائين پاڳاري جو نالو وٺي ان تي تنقيد ڪئي ۽ سرڪاري ميمبرن اهو اشارو به ڏنو ته ايندڙ ڏينهن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل وٽ هن وقت جيڪي خاص سيٽون موجود آهن ان مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سيٽ تان ان کي هٿ کڻڻو پوندو ايوان جي ڪارروائي دوران سوالن جي وقفي دوران ڄام مدد علي جي حلف برداري کان سواءِ ايجڊا جي ڪا ٻي ڪارروائي نه ٿي سگهي ۽ نه ئي اپوزيشن ميمبرن کي سرڪاري ميمبرن جي تقرير جو جواب ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويو ۽ ڊپٽي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي جمعي ڏينهن صبح 10 لڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي صوبائي وزير منظور وساڻ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي پي ايس 81 تان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڄام مددعلي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڄام مدد علي سانگهڙ جي ننڍي چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو آهي اهو ضلعو هميشه کان پيپلزپارٽي جي حامين جو ڳڙهه رهيو آهي پر آمرن جي دور ۾ ڌانڌلي جي ذريعي اسان جو مينڊيٽ چورايو ويو هو هن ڀيري ته رينجرز به موجود هئي ۽ سڄي ننڍي چونڊ شفاف طريقي سان ٿي جنهن ۾ پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان کٽيو هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ خيرپور ۽ سانگهڙ ۾ اهڙي طرح ڪلين سوئپ ڪنداسين ان دوران مسلم ليگ فنڪشنل نصرت سحر عباسي جنهن جو مائڪ بند هو وڏي آواز ۾ ڌانڌلي جا نعرا هڻندي رهي جنهن تي منظور وساڻ چيو ته مان هڪ ڳالهه ٻي به واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته مسلم ليگ فنڪشنل جي هڪ خاص سيٽ تمام جلد انهن جي هٿن مان وڃڻ واري آهي مان خواب ڏسي ان جي تفصيل ٻڌائيندس پ پ پ تيمور ٽالپر ڄام مدد علي کي مبارڪ ڏيندي چيو ته ڄام مدد 10 هزار ووٽن جي مدد سان کٽيو آهي جنهن تي پ پ پ جي اعليٰ قيادت ۽ سنڌ جو وڏو وزير مبارڪ جا حقدار آهن هن چيو ته فنڪشنل ليگ کي گهرجي ته هو هاڻي پنهنجو نالو نان فنڪشنل ليگ رکي پيپلزپارٽي جي ميمبرن جي تقرير تي ٻڌل تقرير دوران اپوزيشن جي ميمبرن ڊپٽي اسپيڪر کان مسلسل جواب ڏيڻ لاءِ ڳالهائڻ جي اجازت گهرندا رهيا پر انهن کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني ويئي جڏهن ته انهن پاران ڪيترائي ڀيرا اهو چيو ويو ته توهان صرف مبارڪ تائين محدود رهو ۽ ڪنهن جي ليڊرشپ جو نالو وٺي تنقيد نه ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن اداري جو نالو ورتو وڃي جنهن تي نثار کهڙو پنهنجي سيٽ تان اٿي بيهي چيو ته ڪوبه مقدس نه آهي جيڪو اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻندو ۽ عوام کان ان جو حق ڇنڻ جي ڪوشش ڪندو اسان ان جو نالو وٺنداسين ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيڪريٽري کي چيو ته هو اهڙين سمورين ڳالهين ۽ ريمارڪس کي ڪارروائي کان الڳ ڪري جيڪي اعتراض جوڳا هجن پ پ پ جي ممتاز حسين جکراڻي وڏي جذباتي انداز ۾ تقرير ڪندي چيو ته ڄام مدد علي پهريان ڪنهن جو مريد بڻيل هو پر هاڻي هو شهيدن جي قافلي ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ان کي آزادي ملي چڪي آهي فنڪشنل ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته پير پاڳاري جا ويجها مريد خان محمد مهر کي ڪرپشن جي الزام ۾ جڏهن نيب گرفتار ڪيو هو ته ان وقت موجوده پير پاڳارو ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو ۽ 2 سال پرڏيهه ۾ رهيو ممتاز جکراڻي پاران پيرپاڳاري جو نالو وٺن تي ڊپٽي اسپيڪر پيپلزپارٽي جي ميمبرن کي چيو ته هو پنهنجي تقريرن ۾ لفظن جو احتياط ڪن ڪنهن پارٽي جي ليڊرشپ جو نالو نه ورتو وڃي ان موقعي تي خواجه اظهار چيو ته توهان فتح جي خوشي ضرور ملهايو پر تقرير ۾ ڪنهن جي ليڊرشپ تي آڱر کڻڻ ضروري نه آهي هن ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته ٻين کي به ڳالهائڻ جو موقعو ملڻ گهرجي جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پهريان سرڪاري ميمبر نئين چونڊيل ميمبر کي مبارڪ ڏيئي وٺن ان کان پوءِ مان اپوزيشن وارن کي به موقعو ڏيندس پيپلزپارٽي جي شاهد عبدالسلام ٿهيم ڄام مددعلي کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته سانگهڙ جي اليڪشن واري ڏينهن نصرت سحر عباسي هڪ پولنگ بوٿ ۾ ويئي هئي پر ان جي پارٽي جي ماڻهن ۽ رينجرز اهلڪارن ان کي ڌڪا ڏيئي ان کي اتان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هن نصرت سحر عباسي ڏانهن اشارو ڏيندي چيو ته هاڻي توهان اسيمبلي مان وڃڻ وارا آيو ۽ جلد ئي توهان کي پنهنجي سيٽ تان هٿ کڻڻو پوندو جنهن تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر چيو ته سياست ۾ عروج ۽ زوال جو داستان هلندو رهندو آهي هار ۽ جيت سياست راند جو حصو آهي پر ذاتيات تي وڃڻ شر۾ جهڙي ڳالهه آهي هن ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته ميمبرن جي توهان جهڙي انداز ۾ ايوان جي ڪارروائي هلائي رهيا آهيو اهو به مناسب طريقيو نه آهي جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا باهه ٿي ويئي ۽ هن چيو ته هو ايوان کي هميشه قانون مطابق هلائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آهي ته هو قانون موجب منهنجي خلاف تحريڪ عدم اعتماد وٺي اچي ان موقعي تي نثار کهڙو چيو ته هتي ڪوبه مقدس شخص يا ادارو نه آهي چاهي هو رٽرننگ آفيسر هجي فوج هجي يا ڪو ٻيو. هن چيو ته ڇا اسان مارشلا جي مذمت نٿا ڪيون هن ڊپٽي اسپيڪر چيو ته توهان هر دفعي ان ڳالهه کي ڇو دهرائي رهيا آهيو ته اعتراض جوڳا رمارڪس نه ڏنا وڃن هن چيو ته ميمبرن کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي کليل راءِ جو اظهار ڪن نثار کهڙو ڄام مدد علي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڄام صاحب اڄ هٿ پير جي بندشن کان آزاد ٿي ويو آهي جنهن تي مان ان کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو هن چيو ته سڀني کي ياد اهي ته سانگهڙ ۾ ماضي ۾ ڪهڙي طرح اليڪشن کٽيا ويا انهيءَ ضلعي ۾ شهيد ڀٽو تي گوليون هلايون ويون مڪاني چونڊن دوران اسان جا ماڻهو شهيد ڪيا ويا ۽ ڄام مدد علي جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ پ جو هڪ جيالو شهيد ٿيو ۽ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا هن چيو ته سانگهڙ جي شڪست کان پوءِ ڪجهه ماڻهو مايوسي جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. شميم ممتاز پنهنجي تقرير ۾ اهو نعرو به هنيو ته شيرن جو شڪاري زرداري، آيو آيو زرداري ۽ ايندڙ واري وري اسان جي جڏهن ته امداد پتافي جو چوڻ هو ته ڄام مدد جي ڪاميابي اسان جي مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي. ان موقعي تي ڄام مدد علي پنهنجي ڪاميابي تي پ پ پ جي اعليٰ قيادت ۽ جيالن جا ٿورا مڃيندي چيو ته شب معراج جي موقعي تي ايوان ۾ ٻيهر ان جو اچڻ برڪت جو سبب آهي. هن چيو ته مان پنهنجي اڳوڻي پارٽي ۾ وڏو وقت ضايع ڪيو ۽ هاڻي تڪ جي عوام جي خدمت تي ڌيان ڏيندس هن پولنگ جي ڏينهن فوت ٿيندڙ صالح خاصخيلي جي قتل جي غيرجانبدارانه جاچ ڪرڻ ۽ واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي مالي مدد جو مطالبو ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *