سنڌ اسميبلي جو اجلاس: ميمبرن جي دير سان اچڻ تي اسپيڪر ڪاوڙجي پيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دراني ميمبرز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ساڍي ڏهين وڳي اجلاس جو وقت طئي ڪيو  ويو، پر ميمبرز جي وقت سر نه پهچڻ ڪري اجلاس هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ڪرڻو پيو آهي. آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ميمبرز وقت سر اجلاس ۾ ڇو نٿا پهچن،ڪجهه ميمبرز تقرير ڪرڻ بعد اجلاس مان هليا ويندا آهن. اسيمبلي جي اجلاس دوران ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته  19 سئو ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي پر بجلي ڪيڏانهن پئي وڃي خبر نه پئي پوي، وفاقي سرڪار لوڊشيڊنگ وڌائي عوام جي زندگي اجيرڻ بڻائي ڇڏي آهي، ايم ڪيو ايم جي ميمبر فيصل سبزواري چيو آهي ته پوري صوبي ۾ هڪ به ضلعو يا تعلقو مثالي ناهي بڻايو ويو، پ پ کي جيڪڏهن 20 سال به ڏنا وڃن ته ڪجهه نه ڪري سگهندي. سنڌ اسميبلي جو بجيٽ تي بحث بابت اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ جاري آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي فيصل سبزواري چيو ته مڪاني حڪومتون مڪاني کاتي واري وزير يا آفيسرن جي ماتحت نه آهي، نمائندن کي اختيار نه ڏيڻ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي ميمبر چيو ته بجيٽ انگن اکرن جي شوبازي آهي، سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کانپوءِ 45 سيڪڙو ووٽ مخالف ڌر کي به ڏنا آهن، جنهن کي بلڊوز ڪيو ويو آهي. فيصل سبزواري چيو ته پوري صوبي ۾ هڪ به ضلعو يا تعلقو مثالي ناهي بڻايو ويو، پ پ کي جيڪڏهن 20 سال به ڏنا وڃن ته ڪجهه نه ڪري سگهندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *