سنڌ اسمبلي ۾ گوڙ : مخالف ڌر طرفان صوبائي وزير تي الزام،ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

ڪراچي ( م ڊ) سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر طرفان صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا تي گار ڏيڻ واري الزام بعد ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. ميڊيا جي رپورٽن موجب سنڌ اسمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر طرفان پارلياماني معاملن واري وزير مڪش چاولا تي گار ڏيڻ جو الزام مڙهيو  ويو جنهن بعد مخالف ڌر اڳواڻ ۽ سعيد غني وچ ۾ ڏند چڪ ٿي ٿي جڏهن ته اسمبلي هنگامي ۽ گوڙ سبب مڇي مارڪيٽ جا منظر پيش ڪرڻ لڳي. مڪيش چاولا چيو ته رڪارڊ ڪڍرائي وٺو گار ناهي ڏني.  امتياز شيخ چيوته وضاحت ڪريون ٿا ته ڪنهن به ميمبر گار ناهي ڏني، فردوس شميم نقوي چيو ته ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته ايوان ۾ گاريون ڏئي، اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته مان ڪارروائي مان غيرپارلياماني لفظ ختم ڪرڻ جي رولنگ ڏني آهي،  ان جي جاچ ڪرايون ٿا.  ان دوران سعيد غني رڙ ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ کي جواب ڏنو ۽ چيو ته هي بي شرم آهن ايوان جو ماحول خراب ڪندا آهن جنهن بعد مخالف ڌر اڳواڻ ۽ سعيد غني وچ ۾ ڏند چڪ ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *