اسلام آباد/ ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري هڪ شخص جي فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته وڌيڪ 10 ڪيس سامهون اچي ويا آهن جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 267 ٿي ويو.گلگت بلتستان جي صحت واري سيڪريٽري راشد احمد چيو ته ڪورونا وائرس سبب ديامر سان تعلق رکندڙ 58 سالن جو شخص فوت ٿي ويو.ان کان اڳ گلگت بلتستان جي وڏي وزير حفيظ الرحمان پريس ڪانفرنس دوران گلگت بلتستان ۾ ايران مان آيل وڌيڪ 10 زيارتين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي.هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 13 ٿي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ناقص بندوبستن جي ڪري انگ وڌي رهيو آهي، بلوچستان حڪومت اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواهه جي زائرين کي گن پوائنٽ تي گلگت موڪلي ڇڏيو آهي.وڏي وزير حفيظ الرحمان چيو ته آبادي جي حساب سان ڪورونا وائرس جا سڀ کان وڌيڪ مريض گلگت بلتستان ۾ آهن.هن چيو ته هڪ هزار ڪمرن تي ٻڌل هوٽلن کي ڪورونا وائرس مان متاثر ماڻهن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 30 ڪرور رپيا مختص ڪيا ويا آهن.سندس چوڻ هو ته مقامي سياحن جي لاءِ ٽن هفتن جي لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي سياحن جي کي سرٽيفڪيشن کان پوءِ اچڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته 21 مارچ کان سموريون مارڪيٽون بند ٿينديون. ٻئي پاسي خيبرپختونخواهه جي صحت واري وزير تيمور ظفر جهڳڙا صوبي ۾ وڌيڪ 3 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪري ڇڏي . ٻئي پاسي سکر ۾ وڌيڪ 9 زائرين کي ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد سنڌ ۾ وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 190 ٿي ويو آهي. صحت کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سکر ۾ ترسيل زائرين مان وڌيڪ 9 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جنهن بعد سکر ۾ مريضن جو انگ وڌي 152 ٿي ويو، اُن کانسواءِ ڪراچي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 37 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ آهي. اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي 190 ٿي ويو آهي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سکر منتقل ٿيل زائرين مان 303 شڪي ماڻهن جا نمونا ورتا ويا، جِن جي ٽيسٽ رپورٽ ۾ 151 زائرين کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جهڙيون حالتون، شهر جون مين بازارون بند، عوام کي گهر ۾ رهڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن